سنڌ دشمن رٿائن خلاف ھزارين وڪيلن حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين مارچ ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪندڙ رٿائن کي رد ڪري ڇڏيو.حيدرآباد کان آيل قافلي ۾ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شھرن کان وڪيل ڪراچي پھتا. مختلف رستن تان ٿيندي قافلا ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران ھڪ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويا، جنھن کي مختلف وڪيلن اڳواڻن ۽ پ شھيد ڀٽي جي اڳواڻ ذوالفقار جونيئر پڻ خطاب ڪيو. ھنن تڪرار سنڌ دشمن ڪينالن جي رٿا. 26 ھين آئيني ترميم، پيڪا قانون ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌ ۽ وفاق خلاف قرار ڏنو.اھو مارچ يقينن غيرقانوني سنڌ دشمن ڪينالن خلاف جاري تحريڪ جي لاءِ ھڪ وڏو اتساھ بڻجندو.اھا تحريڪ ڪيترن ئي مھينن کان سنڌ ۾ جاري آھي ۽ سنڌ جو عام ماڻھو ھاري ناري توڻي ننڍا آبادگار ۽ زميندار جدوجھد ڪري رھيا آھن.ان رٿا جي مخالفت ڪندڙن جو چوڻ آھي تھ سنڌو درياھ منجھان ڪينال ڪڍي ڪري سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. سنڌ جي عوام جو اھو بھ چوڻ آھي تھ جڏھن وفاق ۽ پنجاب 1990 واري پاڻي ٺاھ موجب سنڌ کي پاڻي نھ پيو ڏي.ان ڪري سنڌ جي عوام جا خدشا وڌي ويا آھن.
سنڌ سان ھڪ وقت کان وفاق طرفان پاڻي ۽ ناڻي جي معاملي ۾ زيادتي ٿيندي رھي آھي. جنھن جو اظھار سنڌ جي ھر حڪومت ڪيو آھي.جنھن جو ڪڏھن بھ اھڙو حل نھ ڪڍيو ويو آھي، جو اھو مسئلو ھميشھ لاءِ ختم ٿي وڃي.عام خيال ھي آھي تھ وفاق جي ھر حڪومت تي پنجاب جو وڌيڪ اثر رھي ٿو.جنھن ڪري سنڌ جي ڪيس کي ڪڏھن بھ خاطر ۾ نھ آندو ويندو آھي.سنڌ ۾ ھن وقت مجموعي طور تي بک،بدامني،بيرزگاري ۽ مھانگائي جو طوفان آھي، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي آزار ماڻھن جي رواجي زندگيءَ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آھي.جنھن ڪري عوام جو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تان مڪمل ويساھ ختم ٿي ويو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ماڻھو ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ بيزار ۽ تنگ ٿي رھيا آھن.ان سان گڏ سنڌ جي ھر ضلعي ۾ لاقانونيت ھجڻ ڪري ماڻھن جي مسئلا وڌي رھيا آھن، ان جي ڀيٽ ۾ حڪومت عوام کي ڪنھن بھ قسم جي بھتر حڪمراني يا قانون جي حڪمراني ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، ان ڪري عوام بي وس ٿي ويو آھي.
عوام ۾ اڳي ئي موجود ڪاوڙ سبب ڪنھن بھ سنڌ دشمن رٿا يا رويي تي سنڌي ماڻھن جو ردعمل شديد ٿي رھيو آھي.ان ڪري ئي جڏھن ڪجهھ مھينا اڳ سنڌ ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين سنڌ دشمن رٿا ڪينالن خلاف احتجاج ۽ مظاھرا ڪرڻ شروع ڪيا تھ ان کي عوام جي وڏي موٽ ملي، اھڙن احتجاجن ۽ مظاھرن جو تسلسل سان ھلڻ ھڪ تحريڪ کي جنم ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ھن وقت سنڌ جو ھر ماڻھو سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي ٿيندڙ زيادتيءَ خلاف سراپا احتجاج آھي.
وڪيلن پاران ڪراچي ۾ ڪيل مارچ بھ اصل ۾ ڪنھن ننڍڙي واقعي بعد حڪومت طرفان ان کي سنجيدگيءَ سان نھ وٺڻ ۽ سرڪاري آفيسرن جي شھنشاھيت واري رويي سبب معاملو ھڪ وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو. ڪنھن ھڪ وڪيل سان ھڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ڪيل زيادتيءَ تي حيدرآباد جي وڪيلن رواجي احتجاج ڪندي ٿاڻي جي پوليس آفيسر کي بدلي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، پر پوليس ان تي وڪيلن کي ٿڪائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جنھن ڪري اھا چڙ وڌي وئي.ضلعي پوليس عملدار کي ڪجھه ڏينھن موڪل تي روانو ڪري وڪيلن کي اھو ڏٽو ڏنو ويو تھ اھو بدلي ٿي ويو آھي.ساڳيو ضلعي پوليس آفيسر وري ساڳي عھدي تي اچي ويھي رھيو.وڪيلن کي ھٿ سان مڇرائڻ جي ڪوشش ڪندي پوليس ان معاملي کي انا جو مسئلو ٺاھي ڇڏيو.
جڏھن بھ ماڻھو گڏجي ويھندا آھن تھ ھڪ ٻئي سان حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي ظلمن تي ڳالھائيندا آھن.عوام ۾ اڳي ئي سنڌ دشمن اسڪيمن خلاف تحريڪ ھلي رھي ھئي.مٿان وڪيلن جي مسلسل جدوجھد ۾ رھڻ باوجود حڪومت ان تي ڪن نھ ڌريو تھ احتجاج ڪندڙ وڪيلن پنھنجي ڪاوڙ جو رخ سنڌ دشمن رٿائن خلاف ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي وڪيل برادري سان سڄي سنڌ جي وڪيلن ھمدردي ڪئي ۽ عام ماڻھن اڳي ئي سنڌ ۾ موجود ڪاوڙ ۽ جاري جدوجھد تي وڪيلن جي اھڙن فيصلن کي وڏي پئماني تي موٽ ڏني.
تاريخ ۾ جڏھن بھ ڪا جدوجھد ھلندي آھي تھ اھا ماڻھن کي نوان گس، نوان خيال، نوان حوصلا ۽ همٿ ڏيندي آھي، اھڙي جدوجھد ۽ تحريڪون عملي طور تي ماڻھن جي تربيت ڪنديون آھن. جنھن سان اڻ ٿيڻي جي ٿيڻ جا بھ امڪان جنم وٺندا آھن.اھو ئي سبب آھي جو ھن وقت سنڌ ۾ جاري تحريڪ سان وڪيلن جي سلھاڙجڻ سان سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي حوصلو ۽ اتساھ ملي رھيو آھي. ڪراچي ۾ مارچ کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ 26 هين ترميم ذريعي عدالتي نظام کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سنڌو تي ڇهه ڪينال ٺاهڻ ۽ هزارين ايڪڙ زمين سنڌ کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ صوبي جو "معاشي قتل” ۽ سنڌو تي ڇهه واهن جي تعمير سنڌو تي "ايٽمي بم ڪيرائڻ” جي برابر آهي.وڪيلن "جبري گمشدگين” جي سلسلي کي بھ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.