ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مڪلي کان ٺٽي تائين مارچ

ٺٽو(ڊ ر) سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ شھيد حنيف زئور يادگار ڪميٽي پاران مڪلي کان ٺٽي تائين  5 ڪلوميٽر تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي ۾ شامل ھئا، ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي راول ڪرناڻي، شھيد حنيف زئور ڪميٽي حفيظ آزاد زئور،جسقم جي قادر زئور،پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو، تعليمدان اعجاز جاکرو، سماجي اڳواڻن حامد مغل،سجاد سمون،شھروز چانگ، جماعت اسلامي جي عبدالمجيد سمون ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاق ھٺ ڌرمي طور تي سنڌو درياءُ تي ڌاڙو ھڻي زبردستي ڪئنال ٺاھي سنڌ کي سڪائڻ چاھي ٿو پر سنڌ جو عوام اھڙي ڪنھن سنڌ دشمن عمل کي قبول نه ڪندو، هنن چيو ته پاڻي نه ھجڻ ڪري سنڌ جي سامونڊي پٽي تباھ ٿي رھي آھي، جيڪڏھن ھاڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ڀڙبانگ بڻجي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.