تڪراري رٿائن خلاف وڪيلن جي تاريخي جدوجهد

تحرير: عبدالوهاب منشي

8 مارچ 2025 تي سنڌ جي هزارين وڪيلن  سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مارچ ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي. اھو مارچ سنڌ ۾ جاري تڪراري ڪينالن خلاف وڪيلن جو ردعمل ھو. وڪيلن جو اھو قافلو حيدرآباد ضلعي بار ايسوسيئيشن پاران حيدرآباد کان ڪراچي پھتو ھو. ھن مرحلي تي وڪيلن جي جدوجھد هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.

ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي يقيني طور تي انهن وڪيلن لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر اهو هڪ بهانو بڻيو، جڏهن سنڌ حڪومت گذريل هڪ مهيني کان وڪيلن جي احتجاجي تحريڪ کي نظرانداز ڪري رهي هئي. شروع ۾ وڪيلن ذڪر ڪيل پوليس آفيسر جي بدتميزي ۽ غرور خلاف پرامن احتجاج ڪيو. تڏھن وڪيلن جو  مطالبو هو ته جنھن پوليس ايس ايڇ او  ھڪ وڪيل خلاف غلط ۽ بي بنياد ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي. ان کي بدلي ڪيو وڃي.

جنهن تي ايس ايس پي فرخ لنجار مسئلي کي حل ڪرڻ بدران وڪيلن سان تڪرار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ وڪيل برادري تذليل ڪئي.سنڌ حڪومت پاران معاملي کي اينگھائڻ ۽ حل نھ ڪرڻ تي وڪيلن جي احتجاج جو دائرو وڌي ويو.جنھن بعد وڪيلن ايس ايس پي جي بدلي جو مطالبو ڪندي ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو.ان باوجود سماج جي ھن باشعور حصي تحمل ۽ تدبر جو مظاھرو ڪيو ۽ ھڪ قدم پوئتي ھٽيا.ڇاڪاڻ جو رستا بند ھجڻ ڪري عوام کي پريشاني ٿي رھي ھئي.ان سموري معاملي ۾ وڪيلن سان غلط بياني ڪئي وئي تھ ايس ايس پي جي موڪل منظور ڪئي وئي آھي ۽ ھو بدلي ٿي ويندو.پر ائين نھ ٿيو ۽ حيدرآباد جي وڪيل برادري کي وڌيڪ چڙ ڏيارڻ جي مقصد خاطر اختيارين، حيدرآباد بار جي اليڪشن بعد ايس ايس پي لنجار کي ٻيھر چارج ڏني، جنھن جي پنھنجي طور تي وڏي آجيان ڪرائي وئي. وڪيلن سان ڪيل اھڙي دوکي تي انھن ۾ ويتر چڙ وڌي وئي.جنھن کانپوءِ شروع ٿيل احتجاج ھڪ نئين صورت اختيار ڪرڻ لڳو.ان دوران وڪيلن جنھن صبر ۽ تحمل جو مظاھرو ڪيو ان جومثال نٿو ملي.

ھڪ مھينو اڳ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ٻارهن ايس ايس پيز کي تبديل ڪيو، پر ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي ڄڻ سنڌ سرڪار لاءِ انا ۽ ضد جو مسئلو ٿي پيو ھو.نيٺ نوجوان وڪيلن جي جدوجھد رنگ لاٿو.نوجوان باشعور وڪيلن گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ 8 مارچ تي سنڌ کي بچائڻ، ملڪ کي بچائڻ ۽ درياهه کي بچائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪرڻ گهرجي. يقينن وڪيلن جي  لانگ مارچ  ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ نئون رنگ آندو آهي. گرمي ۽ رمضان شريف جي مھيني ۾ اڻ ڳڻين گاڏين جو  هڪ منظم قافلو، هزارين نوجوان وڪيلن سان ڪراچي پهتو.دنيا سنڌ کي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. ڪراچي جي عام شهرين سميت ڪراچي بار جي وڪيلن  حيدرآباد جي قافلي جو جوش وچان استقبال ڪيو رستي ۽ چوڪن تي گلن جي ورکا ڪئي، دوستن کي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.

هن مارچ جو مقصد سنڌو درياهه کي بچائڻ ۽ ان تي ٺهندڙ تڪراري ڇهن ڪينال جي رٿا  کي رد ڪرڻ هو.ھزارين وڪيلن هن احتجاج ذريعي دنيا تي واضح ڪيو ته اھي سنڌ سان  ٿيندڙ ڪنھن بھ ظلم تي ماٺ نھ ويھندا.ھنن جو مطالبو ھو تھ سنڌو درياهه تي ڪينالن جي تعمير بند ڪئي وڃي.ڇاڪاڻ تھ درياهه موجود نه رهيو ته اسان بچي نھ سگهنداسين.پاڻي زندگي ۽ موت  معاملو آھي.وڪيلن جو چوڻ ھو تھ  اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سنڌو درياهه قدرتي طور تي زمين جي مٿاڇري کان آخر تائين پاڻي نه پهچايو ته ايندڙ 60 سالن ۾ سمنڊ ڪراچي سميت سامونڊي ڪنارن تي موجود  شهرن کي ٻوڙي ڇڏيندو. اسان جي زمين ڀڙڀانگ ۽ وطن بنجر ٿي ويندا.ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڏڪار پئجي ويندو. درياهه ۾ ھن وقت بھ واري  اڏامي رھي آھي.

وڪيلن واضح ڪيو تھ ڪينال ڪڍڻ سان پاڻي بند ٿي ويندو، جنھن ڪري ايندڙ نسل تباهه ٿي ويندو،  صوبن  وچ ۾ جنگ ٿي سگهي ٿي ۽ وفاق خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته انهن 6 ڪينالن جي ٺاھڻ ۽ 26 هين آئيني ترميم هن ملڪ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. ان ڪري وفاقي حڪومت کي پنهنجن فيصلن تي غور ڪرڻ گهرجي.هزارين وڪيل حيدرآباد کان ڪراچي تائين مارچ ڪري سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڇهن ڪينالن جي منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.ھاڻي سنڌ جي وڪيلن سان گڏجي سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ عيد الفطر کان پوءِ سنڌ کان اسلام آباد تائين هڪ ٻيو لانگ مارچ ڪيو ويندو ۽ اھو مارچ  تڪراري منصوبن جي تابوت  ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.