مسلمان ملڪن يا خاص ڪري اسان جي خطي جي سياسي منظرنامي ۾ اها ڳالهه ايتري مبهم به ناهي يا طالبان ڪو اهڙو راز هجي جيڪو افشان نه ٿي سگهندو هجي. پر ڳالهه ته واضح آهي، سڀ ڪجهه پڌري پٽ پيو آهي ته طالبان هاڻي اهو ئي ڪم ڪندا جيڪو سي آءِ اي چوندي، جيئن انهن جي مرضي ۽ منشا هوندي. دنيا جي ماڻهن ۾ طالبان جي لاءِ سافٽ ڪارنر پيدا ٿا ڪن. پر حيرت آهي ته آمريڪن جي لاءِ طالبان ۽ ٻيا پونجيءَ ۾ بچيل مسلمان الڳ الڳ ڇو آهن؟ ”وليم جي برنرز“ (سي آءِ اي جو چيف) به ڀارت ڏي وڃي جُتي کُسائي آيو، وري اندر ئي اندر طالبان جي اڳواڻن سان به ملي آيو. جنرل فيض حميد آمريڪا جي اشاري تي طالبان جي هيبت الله سان گڏجاڻيون به ڪيون ۽ ذبيح الله سان به مليو، معني طالبان هاڻي مٽجي ويا آهن، پر رڳو آمريڪا جي نظر ۾، سي آءِ اي جي سوچ ۾، دنيا جي عيسائين جي نظر ۾، مغربي قوتن جي نظر ۾، سيهوني طاقتن جي نظر ۾، هاڻي سڀ طالبان بيگناھ آهن، هاڻي سڀ طالبان صحيح آهن، ڪو به دهشتگرد ناهي. ان سڄي پيش منظر ۾ نائين اليون رڳو مسلمانن کي بدنام ڪرڻ جي رٿ هئي. طالبان جي ايترا ڏاڍا هجن ها، انهن کي اسلام ۽ مسلمانن سان جي پيار هجي هان ته سڀ کان پهرين اهي ڪشمير جي مسلمان سان سچا ٿي ڏيکارن ها، فلسطين ۾ جهاد في سيبل الله ڪن ها. ڇو ته پاڪستان جو ايٽمي طاقت ٿيڻ، چين جا منصوبا، سي پيڪ، رياستي ادارن جو گروي رکڻ ۽ هوڏانهن وري سي آءِ اي جو سرگرم ٿيڻ ۽ آمريڪا جو گهل گهوڙا ٻاري ڏيڻ به پاڻ ۾ ڪڙيون ٿا ملائن.
طالبان جي لاءِ اهڙي صورتحال خراب رڳو اسان کي نظر ٿي اچي، جو جتي باھ ٻري اهو هنڌ سڙي، پر اها باھ ۽ شدت دنيا کي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. اها ٻي ڳالهه آهي ته 20 سال سي آءِ اي جي واشنگ (ٽن) مشين ۾ هي طالبان ڌوپي صاف سٿرا ٿي ويا آهن، هاڻي هي دنيا جون همدرديون به ميڙي سگهن ٿا، هنن کي ڪو نوان طالبان ٽائيپ پوليس فورس برٿي ناهن ڪرڻا، نه ئي هنن کي ڪو اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نيون کولڻيون آهن، بس رڳو اهو آهي ته اويس غني جي وڃڻ کانپوءِ طالبان کي ٿيل ڪرپشن، اڪانومي، معاشي مسئلا هلائڻا پوندن، اهي به رڳو ائين جيئن اسان واري رياست هلائي ٿي، ان جي لاءِ جو طالبان ته بادشاهت واري ڪرسي وٺي ويهندا، باقي ملڪ ته هلي ٿو، هي ڇا ڪندا؟ ڳالهه اها به آهي ته ايستائين انهن کي ٻين طالبان کي سي آءِ اي جي ڊالرن جو وضو ڪرائڻو پوندو، جيڪي سي آءِ اي جي پلان ۽ منصوبي تحت ڪم ڪندا. ائين به ناهي ته هي ڪو شريعت نافض ڪندا. رهيل جيڪي به مسلم ملڪ آهن انهن مان جيڪڏهن هنن کي کڻي 5 سيڪڙو به حمايت ملي ته به اهي 39 سيڪڙو مان وڌي کڻي 45 يا تنهن جو کڻي 50 سيڪڙو ٿيندا، جيڪي پوءِ افغانستان ۾ گھٽ ۾ گھٽ ريفرينڊم ڪرائي سگهندا.
عام چونڊون طالبان جي وس جي ڳالهه نه هئي، يا چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار نه هيو، ۽ نه ئي ٿي سگهيو. اهو ٿورئي آهي ته فرانس کي ٽي ٽي پي تي رڳو اعتراض هيو، اهي مغربي قوتون يا آمريڪي قوتون رڳو جماعت الدعويٰ، جيش محمد، ٽي ايل پي، لشڪرِ جهنگوي جهڙين تنظيمن مان ان ڪري به تنگ هئا جو اهي پاڪستان ۾ هيون، هاڻي اهي طالبان، اهي ئي دهشتگرد تنظيمون جيڪي افغانستان ۾ هلن ٿيون انهن (طالبان) کي هاڻي حق حڪمراني هوندو ته اهي سڀ صحيح ٿي ويندا. جي ڀلا اهي صحيح آهن ته پوءِ پاڪستان ڪهڙين دهشتگرد تنظيمن ۽ آرگنائيزيشن جي پٺ ڀرائي ڪندو هيو؟ ڪهڙي تنظيم مان مغرب کي تڪليف هئي ۽ هاڻي اهي ئي ايمنيسٽي جي ليڪ ۾ اچي ويا، پوءِ ٻٽي پاليسي رڳو اسان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڇو؟ اها مغربي چال ڪڏهن اسان مشرقي ۽ اوڀر وارن ملڪن جي سمجهھ ۾ نه ايندي.
اها ڳالهه بار بار ڇو آهي ته افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيندي يا ٿيندي؟ يا ان جو مطلب ابتو آ. جيڪي افغاني طالبان پنهنجي ملڪ ۾ آهن، اهي سڀ ڌوتل آهن، پر جيڪي افغاني باشندا پاڪستان ٽپي آيا آهن، جن جو تعداد هاڻي 4 ملين کان به وڌي ويو آهي. جيڪي 8 ملين بارڊر ايريا ۾ ڦرن پيا، اهي به سڀاڻي بارڊر ٽپي ايندا. ڇو ته پاڪستاني پٺاڻ ۽ افغاني پختونن ۽ فارسي ڳالهائيندڙن ۾ فرق ناهي رهيو، اهي ته ملي جلي ويا آهن. هاڻي افغانستان آمريڪا جي ڇانوَ، رحم ۽ ڪرم تي جنت بڻجي ويو آهي، ته پوءِ اهي هتان به رهيل افغاني گهرائن، اهي جيڪي 4 ملين افغاني اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ رهيا پيا آهن، جن جي افغاني ڪيمپ نئين سبزي منڊي کان ويندي وري سهراب ڳوٺ تائين ڀري پئي آهي، اها سرڪاري زمين خالي ڪري اهي افغاني پنهنجي افغانستان جهڙي جنت ۾ هليا وڃن. ڇو ته هاڻي سي آءِ اي اتي امن جا پکي اڏاريا آهن، پوءِ اهي اسان جي ناڻي تي بار ڇو؟ انهن جي ڪري اسان وٽ خاص ڪري شهرن ۾ پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين صفائي سٿرائي جي عملن ۾ کوٽ ۽ ڪوتاهي ٿي رهي. اهي هاڻي ٽرلين روپيا جيڪي طالبان همدردي ۾ آمريڪا کان، مغربي دنيا کان، ورلڊ بيئنڪ کان، اسلامي ملڪن کان ۽ وري عرب دنيا کان پيا ٿا کائن، انهن ۾ هاڻي پنهنجن افغان ڀائرن کي به حصو پتي ڏين، ڇو ته اهي افغان طالبان قوم سان ۽ اسلام سان پنهنجي مذهبي ٽولن سان سچا آهن ته اهي انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ گهرائي خدمت خلق ڪن.