حيدرآباد / ڪراچي (نمائندا) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ 26 هين آئيني ترميم خلاف حيدرآباد جي وڪيلن پاران حيدرآباد کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويو، وڪيلن عيد کانپوءِ اسلام آباد تائين مارچ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران سيشن ڪورٽ جي عمارت ٻاهران ايس پي چوڪ کان شروع ٿيو، جيڪو شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندو ايم نائن موٽروي طرف روانو ٿيو، جيڪو مختلف شهرن کان ٿيندو ڪراچي پهتو، ڪيترن ئي هنڌن تي مارچ جي شاندار آجيان ڪئي وئي، هلندڙ مارچ دوران مختلف هنڌن تان وڪيل مارچ ۾ شامل ٿيندا ويا، وڪيلن جي مارچ کي نظر ۾ رکندي حيدرآباد ٽول پلازه سميت موٽروي جي مختلف هنڌن ۽ ڪراچي ۾ به شاهراهه فيصل تي به پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا، جن جي هٿن ۾ لٺيون ۽ شيل به هئا، مارچ ۾ شامل هزارين وڪيلن پاران ”سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪينال سمورا نامنظور، پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور، سنڌ سڪائڻ بند ڪيو، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، 26 هين آئيني ترميم نامنظور، آئين تي حملو نامنظور ۽ سنڌ ۾ پوليس گردي نامنظور” جهڙا زوردار نعرا هنيا ويا، مارچ جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر اشعر مجيد کوکر، مسعود رسول بابر ميمڻ، ڪي بي لغاري، فيصل مغل ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته مارچ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر سجاد احمد چانڊيو، مير احمد مڱريو، امير آزاد پنهور، اسلم لغاري ۽ ٻيا وڪيل پڻ شامل هئا، مارچ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پهتو ته وڪيلن پاران گلن جي ورکا ڪئي وئي، جتي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن ۾ ذوالفقار جونيئر، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدرآباد بار جي صدر اشعر کوکر اعلان ڪيو ته سنڌو درياھ تي ڪينالن جي اڏاوت خلاف وڪيلن تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي ۽ ھي احتجاج جو سلسلو ھتي ختم نه ٿيندو، رمضان کانپوءِ اسلام آباد تائين مارچ ڪنداسين، وڪيل اڳواڻ سجاد چانڊيو جو چوڻ هو ته سنڌ جي ماڻهن ڪينالن کي رد ڪيو آهي ۽ ھاڻي اسٽيبلشمينٽ کي اکيون کولڻيون پونديون، ذوالفقار جونيئر چيو ته سنڌو درياھ تي ڪينالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سنڌ ۾ وڪيل شاگرد ۽ سياسي ڌريون سراپا احتجاج آھن پر حڪومتي ڌرين جي ڪن تي جون به نٿي سري، اسان جي شاگردن تي لٺيون وسائيندڙن کي ٻڌايون ٿا ته اسان اسلام آباد ۾ اچي اتي لٺيون وسائينداسين، امير آزاد پنهور چيو ته سنڌ متحرڪ ٿي چڪي آهي، سنڌ جا وڪيل ڪنهن به ريت ڪئنال ٺاهڻ ڪونه ڏيندا پيپلزپارٽي جي سرڪار ٻٽو معيار اختيار نه ڪري سرڪار مٿي مان هوا ڪڍي ڇڏي سنڌ هاڻ مڪمل جاڳي چڪي آهي اسين ڪنهن به ريت ڪئنال ٺاهڻ ڪونه ڏينداسين، وڪيل ڪي بي لغاري چيو ته وڪيلن کي بار مان ڪڍي روڊن تي آندو ويو آھي ۽ جڏهن وڪيل روڊ تي ايندا آھن ته پوءِ انقلاب ايندو آھي، احتجاج ۾ ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي احتجاج ڪندڙن شاگردن ۽ سنڌو انڊس لائيرس فورم جي احتجاج ڪندڙ وڪيلن پڻ شموليت ڪئي، وڪيلن جي احتجاج ۾ هزارين وڪيلن سان گڏ عام شهري به شامل هئا، جڏهن ته سنڌي صحافين خدا ڏني شاھه ۽ ذوالفقار واهوچي وڪيلن مٿان هڪ مڻ گل نڇاور ڪندي چيو ته متان چئو آجيان نه ٿيندي.