پنجاب ن ليگ جي هٿن مان نڪرڻ لڳو؟

لاهور/اسلام آباد(عمر چيما)تجزئي نگار احمد اعجاز چيو آهي ته هڪ سال ۾ مسلم ليگ نواز تي ماڻهن جو وڌيڪ اعتماد مجروح ٿيو آهي،اسان ڊيٽا گڏ ڪئي آهي،حالانڪه اهو سمجهيو پئي ويو ته مريم نواز پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ پنهنجي ناراض ووٽرن کي واپس آڻي سگهندي،هيٺين سطح تي ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ اها ق ليگ  بڻجي  ويندي،هن چيو ته ن ليگ ۾ 1985ع کان سياست ڪندڙ اڳواڻ جيڪي ايم اين اي،ايم پي اي بڻيل آهن يا هارائي ويا آهن اهي نجي طور اهو چئي رهيا آهن ته اسان پنهنجي تڪن ۾ اڄ به نٿا وڃي سگهون،اسان صحيح معنيٰ ۾ شادي غمي ۾ به شرڪت نٿا ڪري سگهون،هن چيو ته جيڪي ن ليگ جا پڪا ڳڙهه آهن،جي ٽي روڊ،اوڪاڙا،قصور،ساهيوال،پاڪ پتن خانيوال اتي ماڻهو ن ليگ کان بددل آهن،انهن تڪن تي چونڊيل ليگي اڳواڻ پريشان آهن،اهي چون ٿا ته اسان جو حال خراب آهي،2024ع ۾ جيڪڏهن ن ليگ هارائي رهي هئي ته ان کي نتيجا قبولڻ گهرجن ها،ووٽر چون ٿا ته اسان جي ايم اين ايز ۾ هاڻي اها پهرين واري ڳالهه ناهي رهي،اسان جا اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ آڏو ليٽي ويٺل آهن،هن چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ  خلاف يوسي سطح تائين ڪريڪ ڊائون جاري آهي،گهرن تي چڙهايون،ڀڃ ڊاهه،ڪيس داخل ڪرڻ،جبري گمشدگيون،ماڻهن جو ڪاروبار تباهه ڪرڻ معمول بڻيل آهي،ماڻهن جو اشارو ڳجهين ايجنسين ڏانهن آهي،هن چيو ته هن نظام تحت ايندڙ اليڪشن نٿي ٿي سگهي،هر اليڪشن کان پوءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ وڌيو آهي،رياستي جبر سان ماڻهو ذاتي طور متاثر ٿيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.