چولستان جي 6 ڪئنالن لاءِ پاڻي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست داخل

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي هارين چولستان جي 6 ڪئنالن لاءِ پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف سنڌ  هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2017ع ۾ ارسا ۾ سنڌ مان وفاق جو ميمبر مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي عمل ڪيو وڃي،  درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيستائين سنڌ مان ارسا جو وفاقي ميمبر مقرر نه ڪيو وڃي، تيستائين ارسا جو قيام غير قانوني آهي، هي ادارو چولستان ۽ ٿل ڪئنال فيز 2 لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري نٿو ڪري سگهي،درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ارسا پاران نون ڪئنالن لاءِ جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.