عورتن جي عالمي ڏينهن تي ميڊيا ۾ صنفي اڻ برابري جي خاتمي تي زور

ڪراچي (پ ر) پاڪستان ۾ عورت صحافين کي صنفي امتياز، پيشوراڻي رنڊڪن ۽ ڊجيٽل خطرن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جيڪي سندن واڌاري ۽ قيادت کي محدود ڪن ٿا. اڳڀرائي باوجود اهي فيصلا سازي جي عهدن ۾ گهٽ نمائندگي رکن ٿيون ۽ اڪثر آن لائن هراساني کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿين ٿيون.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گلوبل نيبرهوڊ فار ميڊيا انوويشن (جي اين ايم آءِ) ”ايڪسلريٽ ايڪشن: ميڊيا ۽ صحافت ۾ عورتون“ جي عنوان سان هڪ ويبينار جو اهتمام ڪيو. ان مباحثي ۾ صحافين، ميڊيا پروفيشنلز ۽ پاليسي سازن کي گڏ ڪيو ويو ته جيئن ڪم وارين جاين تي امتيازي سلوڪ، مالي بي استحڪامي ۽ قيادت کان محرومي جي مسئلن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ پاڪستان جي ميڊيا انڊسٽري ۾ عورتن کي پيش ايندڙ چئلينجن تي روشني وڌي وڃي.
جي اين ايم آءِ جي جنرل سيڪريٽري سيد مسعود رضا جي نگراني هيٺ منعقد ٿيل هن سيشن ۾ تجربيڪار عورت صحافين ۽ پاليسي ماهرن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، جن ميڊيا ۾ عورتن جي پيشوراڻي واڌاري کي محدود ڪندڙ ساختي ناانصافين تي روشني وڌي.
سينيئر صحافي عاصمه شيرازي چيو ته سماج ۾ پنهنجي راءِ رکڻ وارين عورتن کي شديد تعصب جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جڏهن ته خاموش رهندڙ يا روايتي اميدن مطابق هلندڙ عورتون وڌيڪ قبوليت حاصل ڪن ٿيون، عورتون اعليٰ عهدن تي گهٽ نظر اچن ٿيون.
معروف صحافي غريده فاروقي چيو ته ڊجيٽل زيادتي کي رڳو ٽرولنگ طور رد نه ڪيو وڃي، پر ان کي مجرماڻو تشدد تسليم ڪرڻ گهرجي، سماجي قدر عورت جي زندگي جي هر پهلو تي اثر انداز ٿين ٿا، تعليم ۽ پيشوراڻي چونڊن کان وٺي شاديءَ تائين.
پاليسي ماهر فوزيه يزداني موجوده قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، بجاءِ ان جي ته نوان قانون ٺاهيا وڃن.
جي اين ايم آءِ جي صدر ناجيا اشعر چيو ته عورتن جي اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ ڊجيٽل پليٽ فارمز جو وڌندڙ رجحان عورت صحافين کي روايتي نيوز رومز جي درجي بندي کان آزاد ڪري ٿو، پر هن ان تي به زور ڏنو ته عورتن کي ميڊيا اسٽارٽ اپس لاءِ فنڊ حاصل ڪرڻ ۾ وڏين رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
سينيئر صحافي تنزيلا مظهر چيو ته عورتن جي گهٽ نمائندگي اڪثر مقابلي جي رجحان کي جنم ڏئي ٿي، پر صحافت ۾ عورتن جي مضبوط موجودگي لاءِ رهنمائي ۽ پيشوراڻو نيٽ ورڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ويبينار جي پڄاڻي تي پينلسٽن اهو مطالبو ڪيو ته گهرن ۽ سماج ۾ عورتن سان روين ۾ فوري طور تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، جي اين ايم آءِ عورتن جي آواز کي بلند ڪرڻ، منصفاڻين ميڊيا پاليسين جي حمايت ڪرڻ ۽ عورت صحافين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.