پ پ جو واضح موقف آهي ته سنڌو تي ڪينال قبول ناهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير ، شرجيل انعام ميمڻ صحافين  جي اعزاز ۾ ڏنل افطار سانجهاندي ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو هميشه کان صحافين سان بهترين ورڪنگ ريليشن رهيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ هر سال وانگر هن سال به صحافين جي اعزاز ۾ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان اڳ وانگر صحافين لاءِ وڌيڪ پلاٽ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکنداسين. ڪجهه ميڊيا هائوسز پنهنجي ورڪرن کي پگهارون نٿا ڏين، جڏهن ته هو ڪروڙين رپين جا اشتهار وٺن ٿا. اسان سڀ کان پهرين انهن ورڪرن کي پگهارون ڏيارينداسين. هن چيو ته اسان صحافين سان هر مشڪل وقت ۾ ساڻ گڏ آهيون ۽ سندن حقن لاءِ هميشه بيٺل رهنداسين.  سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافين جون تنظيمون مسئلن تي ڳالهائين ٿيون، پي ايف يو جي، ڪي يو جي ۽ پارلياماني رپورٽرز سان منهنجو رابطو آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو ملازمن کي پگهار نه ڏئي، ته ان جو ڪاروبار بند ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ لاءِ دعا آهي ته هو جيل مان آزاد ٿئي، الله کيس عقل به ڏئي ته هو پاڪستان خلاف سازشون نه ڪري. سينيئر وزير چيو ته واهن (ڪينالن) جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف واضع آهي. اسان درياءِ سنڌو تي اضافي ڪينالن جي مخالفت ڪيون ٿا ۽ ارسا ۾ به ساڳيو موقف اختيار ڪيو ويو آهي. سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وزيراعليٰ لکت ۾ درخواست ڏني، جڏهن ته سڀني صحافين احسن اقبال کي چيو هو ته اميد آهي ته جلد سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو ويندو.  شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پيپلز بس سروس جو وقت وڌايو ويو آهي، 15 رمضان کان پوءِ رات دير تائين بسون هلنديون. ميڊيا کي پنهنجي خود احتسابي ڪرڻي پوندي، غلط خبرون نه پکيڙيون وڃن. جيڪڏهن ميڊيا آزاد هوندي ته جمهوريت مضبوط ٿيندي.

. ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جو حصو آهي، وزارتون حاصل ڪرڻ انهن جو حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.