ڀنڀور/ٺٽو: اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو آھي ته پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي سنڌ سان سدائين ناانصافي ٿيندي رھي آھي، عام ڏينھن ۾ به پاڻي ڪوٽڙي تائين ايندي گھٽ ٿي وڃي ٿو، جنھن جي ڪري نه رڳو زراعت پر عام ماڻھو کي عذاب ۾ زندگي گذارڻ پوي ٿي، جنھن جو وڏو سبب اِرسا جا ھڪ طرفا ظلم ۽ نانصافي تي ٻڌل فيصلا آھن، ارسا پنھنجي ھٺ ڌرمي سان سنڌ جي مٿان پنھنجا فيصلا مڙھڻ جي ھميشا ڪوشش ڪئي آھي. ھن چيو ته 6 ڪئنالن جو فيصلو به اِرسا ڏئي ڇڏيو آھي، سسٽم ۾ پاڻي ئي موجود ناھي، ھڪڙي صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي کي ڏيڻ جا فيصلا ارسا نٿي ڏئي سگھي، 91ع معاھدي تي عمل به ٿي رھيو آھي، مسلم ليگ ن ۽ وفاقي ادارا اسان کي ان تي جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناھن.