تربيلا ۽ منگلا ڊيڊ ليول تي پهچڻ وارا، ارسا پاڻي کوٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ع آ نيوز) انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي ڊيڊ ليول جي صورتحال بابت صوبن کي خبردار ڪري ڇڏيو. ارسا پنهنجي خط ۾ پاڻي جي ورڇ جو نئون ضابطو جاري ڪنديچيو آهي ته ربيع جي باقي رهيل عرصي ۾ 30 کان 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو خدشو آهي، صوبائي آبپاشي کاتي کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته برسات نه پوڻ تائين صورتحال بهتر ٿيڻ جو امڪان ناهي، موجوده ربيع سيزن ۾ پنجاب 20 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو شڪار آهي، سنڌ ۾ 16 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي. ارسا موجب سنڌ کي 27 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پنجاب کي 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ طلب 45 هزار ڪيوسڪ آهي. ارسا جي دعوائن جي ابتڙ سنڌ ۾ 16 سيڪڙو نه پر هن وقت 40 سيڪڙو کان مٿي پاڻي کوٽ آهي. ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته برسات نه پوڻ جي صورت ۾ منگلا ۽ تربيلا ٽن کان چئن ڏينهن ۾ ڊيڊ ليول تي وڃي سگهن ٿا. واپڊا موجب تربيلا ڊيم جي ڊيڊ ليول 1402 فوٽ ۽ منگلا ڊيم جي ڊيڊ ليول 1050 فوٽ آهي.

، تربيلا ڊيم ۾ موجوده پاڻي جي سطح 1409.50 فوٽ ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1088.45 فوٽ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.