بنون(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته بنون ڌماڪي جي رٿابندي ڪندڙ ۽ مددگارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منسٽر بنون جو دورو ڪيو، جتي کيس علائقي ۾ جاري آپريشنز ۽ سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف 4 مارچ تي بنون ڪينٽ تي خوارج جي ناڪام دهشتگرد حملي جي حوالي سان بنون جو دورو ڪيو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته حملي جي ذميوار دهشتگردن کي بهادر سپاهين فوري سزا ڏني. هن بزدلاڻي حملي جي رٿابندي ڪندڙ ۽ سهولتڪار جتي به هجن انهن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ اسلام دشمن خوارج جي حقيقي ارادن کي بي نقاب ڪري ٿو. آرمي چيف چيو ته خوارج ۽ سندن سهولتڪارن خلاف جنگ منطقي انجام تائين جاري رهندي، خوارج دشمن عنصرن جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهن، فتنه خوارج سميت دهشتگرد گروپ افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن.