حيدرآباد( رپورٽ اعجاز چانڊيو )سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪجهه ڏينهن اندر 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿيڻي آهي، آبپاشي کاتو اڃا به صورتحال کلي ۽ واضح نموني نه پيو ٻڌائي، سسٽم ۾ باقي 4 ڏينهن جو پاڻي بچيو آهي، جنهن مان گهڻو پاڻي پنجاب کڻي ويندو، ڪجهه ڏينهن اندر برساتون نه ٿيون ته صورتحال گهڻي خراب ٿيندي. هن چيو ته انگن اکرن ۾ ته هن وقت سنڌ کي 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، پر حقيقت ۾ اهو پاڻي سنڌ جي بئراج تائين پهچندي وڃي 26 هزار ڪيوسڪ بچي ٿو، پاڻيءَ جي کوٽ جو سڄو بار سنڌ جي مٿان آهي،پنجاب کوٽ ۾ حصيدار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي بلڪه وڌيڪ حصو کڻي رهيو آهي هن چيو ته وفاق سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ پيو وڃي، جيڪڏهن اهي ڪينال ٺهي ويا ته پوءِ سکر بئراج کان هيٺ ته پاڻي اچڻو ئي ناهي. ان ڪري ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سڄي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، پاڻي سڄي سنڌ جو مسئلو آهي. اسان عيد کانپوءِ احتجاج جو سلسلو شروع ڪنداسين. ايوان زراعت سنڌجي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو چيو ته برسات ۽ برف جي گھٽ پوڻ سبب پاڻي جي کوٽ وڌڻ جو گهڻو امڪان آھي، پاڻي جي ان کوٽ سان سنڌ سخت متاثر ٿيندي، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان آھي. هن وقت به بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعو اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جي ورچڙھيل آھن، ٺٽو ۽ سجاول ضلعو پيئڻ جي پاڻيءَ کان به محروم آهي، سنڌ ۾ ڦٽيءَ جي فصل سميت مختلف فصلن جي پوکائي نه ٿي سگھندي. ايوان زراعت سنڌ جي سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سان ڏڪار واري حالت ھر ماڻھو کي سخت متاثر ڪندي،ميرپورخاص ضلعي جي نئون ڪوٽ، جھڏو ۽ ڊگھڙي وارن علائقن سميت عمرڪوٽ ۽ سانگھڙ ضلعو به متاثر ٿي رهيو آهي. ايوان زراعت سنڌ جي ترجمان مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪري سگهن ٿا، انسان پاڻيءَ کانسواءِ رهي نٿو سگهي، صورتحال سنگين ٿي ويندي. فصلن جي پوکائي نه ٿيندي، زراعت کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته هن وقت رڳو برساتون گهٽ وسڻ جي ڪري صورتحال خراب ٿي رهي آهي، پر جڏهن سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙو هنيو ويندو ته پوءِ سڄي سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان رهندا، زراعت جو ته وجود ئي نه رهندو. ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ ۽ بدين ضلعي جي آبادگار محمد خان ساريجو جو چوڻ آھي ته بدين ضلعي کان وٺي سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ھن وقت به پاڻي جو سخت بحران آهي، پاڻيءَ جي نئين کوٽ اسان لاءِ خوفناڪ ڏڪار جو پيغام آهي. اسان جي زراعت اڳ ئي تباهه ٿيل آهي، ڀاڄين سميت مختلف زرعي جنسن جا اگهه نه مليا، ھاڻ وري پاڻي جي کوٽ وارو بحران اسان آبادگارن کي ڏڪار ۾ ڌڪي رھيو آھي.