سڄي سنڌ ۾ فصلن لاءِ پاڻي ناھي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد  خان سميت سنڌ جي 19 ضلعن  ۾ ھٿرادو ڏڪار آندو ويو آھي. بلاول کي وزيراعظم بنائڻ جو آسرو ڏئي چولستان ۾ ڪئنال ٺاھيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن،هن  چيو ته اسين مفتوحه علائقو ناھيون، اوھان جي ڪالوني ناھيون، اسين جلسن، جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن سان گڏ دليلن، قانونن ۽ انگن اکرن ۾ به اوھان کي غلط ۽ غاصب ثابت ڪنداسين،هن چيو ته  سڄي ۾ فصلن لاءِ پاڻي ناھي،شھباز ۽ زرداري جي گڏيل حڪومت جو سنڌ سان دشمني وارو رويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.