اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ شبلي فراز انڪشاف ڪيو ته پي ٽي آءِ جو هڪ ٻيو سينٽر گرفتار ٿي ويو آهي، عون عباس بپي کي اڄ صبح ساڍي 8 وڳي گهر وٽان کنيو ويو آهي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته عون عباس بپي کي بهاولپور جي هڪ ٿاڻي ۾ غير قانوني شڪار جي ايف آءِ آر تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان تي پي ٽي آءِ سينيٽرز احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن تي ڊپٽي چيئرمين سيڪريٽريٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ايوان ۾ ڊپٽي چيئرمين ۽ سينيٽر منظور ڪاڪڙ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، منظور ڪاڪڙ چيو ته اپوزيشن ميمبر سان اهڙو رويو ٺيڪ ناهي، اڄ بپي گرفتار ٿيو آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو گرفتار ٿي سگهي ٿو، ايوان اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ترميمي بل 2025ع سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.