ڊپٽي ڪمشنر اوڀر تي چائنا ڪٽنگ جو الزام، هاءِ ڪورٽ پاران جواب طلب

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي ڀٽائي ڪالوني ۾ پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽  ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت چيو ته توهان سڀني رڪارڊن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي ڪري اصل نقشا به پيش ڪريو، عدالت ۾ ڪينٽونمينٽ بورڊ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته جيڪو اسان کي نقشو مليو آهي انهي ۾ هي پلاٽ ناهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اوڀر چائنا ڪٽنگ ڪئي هئي.

  • سنڌ سرڪار امن امان ۽ ترقياتي ڪمن جي ذميوار آهي: خالد مقبول

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هڪ ئي پارٽي 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي،امن امان کان وٺي خراب روڊن ۽ ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي،ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ سمورا وسيلا ۽ اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهن، اهي امن امان کان وٺي ترقياتي ڪمن تائين جي ذميواري ڪنهن تي نٿا وجهي سگهن، هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ امير شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت آهي.

  • بلوچستان ۾ دهشت گردي جي رٿابندي ڪندڙ 4 افغان دهشت گرد گرفتار

ڪوئيٽا(ع آ نيوز) پاڪستان سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪندي 4 اهم افغان دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي توبه ڪاڪڙي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن وٽان ڪلاشنڪوف، دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن پاڪستان ۾ وڏي دهشتگردي جي رٿابندي ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.  اعترافي وڊيو بيان ۾ دهشتگرد چيو ته منهنجو نالو اسام الدين ۽ پيءُ جو نالو گلشاد آهي، مان افغانستان مان آيو آهيان ۽ اسان جو نظريو اسان جي تربيت آهي. دهشتگرد اسام الدين  جو چوڻ هو ته مون وٽ 2 بندوقون، 2 ڪلاشنڪوف، هڪ گرنيڊ ۽ ٻيو هٿيار هئا، اسان 3 ڏينهن اڳ افغانستان کان سرحد جي ڪنڊيدار تار ريعي ڳجهي طرح پاڪستان ۾ داخل ٿيا هئاسين، اسان کي پشين وڃڻو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.