ڳڙهي خيرو ڀرسان ڪار تي فائرنگ،ٻن سئوٽن سميت 3 ڄڻا قتل

ڳڙھي خيرو/جيڪب آباد(نمائندا) ڳڙھي خيرو ڀر سان ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سئوٽن سميت 3 ڄڻا قتل ڳڙھي خيرو ڀر سان ميرانپور ٿاڻي جي حد سم شاخ ڀرسان  هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري 3 ڄڻا رحيم بخش‚ظھور ۽ معشوق کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويا, پوليس کي اطلاع ملندي ئي واقعي واري ھنڌ پھچي وئي, مقتول قادرپور ڀر سان ڳوٺ محمد بچل کوسو جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا, امام داد کوسو صحافي سان ڳالھا ئيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي, اسان جا 3 ڄڻا ڪار ۾ اوسته محمد بلوچستان وڃي رھيا ھئا ته ميرانپور ڀر سان ھٿياربندن فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو, ميرانپور پوليس 3 ڄڻن جا لاش ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو آندو ويو, جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا, لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو, آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو،هوڏانهن ٽن مقتولن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد هٿيارن جي ڇانوَ ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيا ويا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ميرانپور فدا شيخ ٻڌايو ته ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو نه ڪا گرفتاري عمل اچي سگھي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.