جھرڪ : ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ وڌي وڃڻ ڪري سنڌ جي سوکڙي پلو مڇي جو ناياب نسل پڻ ختم ٿيڻ لڳو آھي سنڌو درياءَ تي ڪوٽڙي پل کان جھرڪ ملان ڪاتيار پل ۽ جھرڪ ملان ڪاتيار پل کان ٺٽو سجاول دولھه درياء خان پل تائين پاڻي جي کوٽ سبب پلو ۽ ٻي مڇي جو شڪار ڪندڙ تقريبن 20 ھزار کان وڌيڪ ملاح روزگار لاءِ پريشان بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن سندن چوڻ آھي ته مارچ ۽ اپريل ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو ويندو ھو جو ملاح خوشيون ملھائيندا ھئا ھڪ ھڪ ملاح پلو ۽ مڇي جي شڪار مان 2500 کان 5000 روپيا روزي ڪمائيندو ھو ھاڻي سنڌو درياءَ جون اھي موجون ختم ٿي ويون آھن