هونئن ته پنهنجي ملڪ ۽ سنڌ اندر ٻارهو ئي بدامني، ڦرلٽ ۽ لاقانيت جو راڄ هوندو آهي پر رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به ڦرلٽ جون وارداتون وڌي رهيون آهن شايد ڦورن کي به عيد جي تيارين جو ناجائز موقعو گهربو آهي. اسان ته اهو نوٽ ڪيو آهي ته عيدن جي ڏينهن ۾ ڦورن جي ڦرلٽ جون وارداتون وڌي وينديون آهن پر ڇا سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي به اهو اندازو آهي جيڪڏهن نه ته اسان هن ايڊيٽوريل ذريعي به کين نوٽ ڪرايون ٿا ته رمضان جو مهينو ايندي ئي ڦرلٽ جون وارداتون وڌي ويون آهن. اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا اهڙين خبرن جو ثبوت آهن.
اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هتي ڏوهه ڪرڻ تمام سولو ۽ انصاف ملڻ بيحد ڏکيو هوندو آهي. ڦورو جڏهن ۽ جتي چاهين ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿا پر چوري موٽائڻ جي ڄڻ ڪا اميد ئي ناهي هوندي. ٿورا خوش نصيب ماڻهو هوندا جن کي چوري يا ڦر ٿيل سامان واپس ملندو آهي. ائين ڇو آهي اهو هڪ وڏو سوال آهي ته آخر ڏوهارين ۽ ڦورن لاءِ وارداتون ڪرڻ ڇو ايڏيون سوليون آهن. روڊن رستن ۽ شاهرائن تي سرعام گهمندڙ ڦرندڙ اهي ڦورو جن جي کيسن ۾ پستول پيل هوندا آهن جن ذريعي اهي ڦرون ڪندا آهن سي ڦورو چپي چپي تي شريف ماڻهن کي بيهاري تنگ ڪندڙ پوليس اهڪارن جي پڪڙ ۾ ڇو ناهن ايندا. ٽريفڪ پوليس اهلڪار به جيڪي چالان جي آڙ ۾ رشوت واري خرچي وٺڻ لاءِ روڊن ۽ چوڪن تي شڪار جي تاڙ ۾ بيٺا هوندا آهن تن جي پڪڙ ۾ اهي ڦورو ڇو ناهن ايندا. ٻيو سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن ڦورو واردات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته اڳتي هلي اهي ڇو ناهن پڪڙجندا. پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي مدد يا ڦُر ٿيل موبائل کي ٽريس ڪري جديد اوزان جي مدد سان ڏوهارين جو پيرو کڻي کين گرفتار ڇو نٿا ڪن. جنهن سان ڏوهن جو گراف يقيني طور گهٽجي سگهي ٿو. پر پوليس ڏوهارين جو پيرو کڻڻ ته رهيو پري پر متاثر شهرين جي فرياد تي نامعلوم ڦورن خلاف اين سي يا ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ به تيار نٿي ٿئي. ويتر متاثر شهرين کان دڙڪن ۽ داٻن واري لهجي ۽ انداز ۾ ابتا سبتا سوال ڪري کين هراسان ڪري کين فرياد ۽ ڦر ٿيل پنهنجي سامان تان به اڻ سڌي طرح هٿ کڻڻ تي مجبور ڪندي آهي. مطلب ته پوليس جي ان حوالي سان مجموعي طور تي انتهائي خراب ڪارڪردگي آهي جنهن جو دليل اهو آهي ته تمام گهٽ تعداد ۾ چوري جي واپسي ٿيندي آهي.
ڪراچي شهر وڏي عرصي کان تائين امن لاءِ سڪندو رهيو آهي، ان عرصي دوران نه رڳو هزارين بي گناهه ماڻهو ڦورن هٿان لٽجندا ۽ مرندا رهيا پر ڪاروبار ۽ شهر جون رونقون پڻ تباهه حال رهيون. ائين چئجي ته ڪراچي جو امن سدائين دهشتگردن ۽ ڦورن جي رحم و ڪرم تي رهيو آهي.جيڪي جڏهن چاهين گهرن ۾ گهڙي شهرين کي قتل ڪري ڇڏين يا کانئن سڀ ڪجهه ڦريو وٺن.دهشت گردي واري ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪراچي جي امن جي صورتحال ڪجهه حد تائين بهتر ٿي ۽ شهر جون رونقون واپس ٿيڻ لڳيون پر بدقسمتي سان اهو امن عارضي ثابت ٿيو ڇو ته ڪجهه وقت ٺاپر کان پوءِ وري ڦر وارداتن ۾ واڌ ٿيندي نظر اچڻ لڳي آهي. هاڻي به قائد آباد جي علائقي ۾ ڦر وارداتن دوران ٻه شهري پنهنجيون حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي ذوالفقار راڄپر کي ڦورن بدر ڪمرشل واري علائقي ۾ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.جڏهن ته اهڙن ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي. جيڪي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ ڦورن هٿان ڦرجي چڪا آهن.
ڪراچي جو امن ۽ ڪاروبار به سياسي ماحول سان جڙيل رهيو آهي ۽ اهو سڀ ماضي ۾ اسان ڏسندا رهيا آهيون. سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ سدائين شهر جي امن کي تباهه ڪيو آهي.۽ ماضي جي تلخ يادن ۽ واقعن جو ورجاءُ هڪ ڀيرو وري ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي جائز ناجائز ڳالهه مڃرائڻ لاءِ شهر جي امن کي سبوتاز ڪندا رهيا آهن. ڪجهه وقت کان سياسي ماحول ۾ گرما گرمي نظر اچڻ کان پوءِ شهر ۾ ڦر وارداتون پڻ وڌي رهيو آهن. ڊمپر واقعا به ان سلسلي جي ڪڙي ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ ايندڙ وقت ۾ شهر جون حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو انديشو آهي. ڇو ته شهر جون حالتون خراب ڪري پنهنجي ڳالهه مڃائڻ ان ماڻهن جو آزمايل نسخو رهيو آهي، اهي پنهنجو ڪامياب نسخو ٻيهر ضرور آزمائيندا. ان لاءِ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته ڪنهن به ڦر واردات کي معمولي سمجهي نظرانداز ڪرڻ جي بدران جوابدارن جا پيرا کڻي کين قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ڇاڪاڻ ته انهن واقعن جي پسمنظر ۾ وڏي سازش به ٿي سگهي ٿي. بهرحال ڪجهه به هجي شهرين جي سلامتي، حڪومت ۽ رينجرز توڙي پوليس جي ذميواري اهلڪارن جي ذميواري آهي.