مٺياڻي/پڊعيدن(نمائندا)نيشنل پيپلز پارٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ خان جتوئي فاروق احمد خان لوڌي کي اين پي پي جو مرڪزي وائيس چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو،مرتضي جتوئي چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي،پوليس اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ بجاءِ ڌاڙيلن کي پڪڙي،نادر علي راڄپر جي رهائش گاه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ کي پ پ جي ناسور مان آجو ڪرائڻ لاءِ اسان سڄي سنڌ ۾ نيشنل پيپلزپارٽي کي آرگنائيز ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ وڏو الائنس پڻ ٺهي رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪافي دوست GDA سان به رابطن ۾ آهن، هوڏانهن غلام مرتضي جتوئي پڊعيدن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي شاهنواز جتوئي،غلام حيدر بڙدي،عبدالجبار پلهھ،ڪرامت کوکر، قاسم سيال،ڪاشف کوکر ۽ ٻين شهرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي،۽ گلن جا هار پاريا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضي جتوئي چيو ته نيشنل پيپلزپارٽي جي آرگنائيزيشن ڪري رهيا آهيون .