ٺٽو (م ڊ) مڪلي پوليس آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور کي سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃڻ کان روڪي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس کيس مڪلي ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي آفيس ۾ ويهاريو. ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور چيو ته هو يونيورسٽي ۾ بم ٺاهڻ جي تربيت ڏيڻ نه پيو وڃي، پر ڪئنالن ۽ شاگرد سياست تي ڳالهائڻ لاءِ وڃي رهيو هو. هن پوليس جي عمل تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو، کيس صبح جو 6 وڳي گرفتار ڪيو ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار موجب، ايس پي جي هدايت تي ايس ايڇ او چيو ته لکي ڏيو ته ڄامشوري ليڪچر ڏيڻ نه ويندو، پوءِ ڇڏينداسين. هن پوليس جي مداخلت تي سوال اٿاريندي چيو ته اسان سياسي ڪارڪن آهيون، ڪنهن جا ماتحت ناهيون. ٿاڻي تي ويهاريل ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور بيمار ماڻهن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جيڪڏهن پوليس کي ايف آءِ آر ڪٽڻي آهي ته ڪٽي اها عوام اڳيان پيش ڪنداسين ته جيئن دنيا کي رياست جي بوکلاهٽ جو اندازو ٿي سگهي.