حيدرآباد ۾ تاج جوئي جي گهر تي چڙهائي، گهر ڌڻين جي مزاحمت

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي نامياري اديب تاج جويو جي رهائشگاهه تي پوليس چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي، تاج جويو جي گهرڀاتين پاران اهلڪارن جون تصويرون ڪڍڻ جي ڪوشش دوران اهلڪار واپس روانا ويا ٿي ويا. ڪالهه منجهند ڌاري 2 وڳي کانپوءِ قاسم آباد جي علائقي گلستان سجاد ۾ نامياري اديب تاج جويو جي گهر تي پوليس اهلڪارن چڙهائي ڪئي، پر تاج جويو کي گرفتار ڪرڻ بنا اهلڪار واپس روانا ٿي ويا. ان سلسلي ۾ نامياري اديب تاج جويو سندس گهر تي پوليس جي چڙهائي بابت هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته منجهند 3 وڳي کان اڳ ڪجهه پوليس اهلڪار منهنجي گلستان سجاد واري گهر تي آيا ۽ پوليس اهلڪارن مون کي چيو ته اسان کي حڪم آهي ته اڄ توهان اسان سان گڏ ٿاڻي تي هلي ويهو، جنهن تي مون کين چيو ته اڄ اهڙو ڇا آهي جو آئون توهان سان گڏ هلي ٿاڻي تي ويهي رهان، اڄ ته 4 مارچ جو ڏينهن آهي. توهان مونکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيو ته وارنٽ ڏيکاريو، جيڪڏهن وارنٽ ناهن ته پوءِ آئون توهان سان گڏ نه هلندس. هن چيو ته منهنجو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ليڪچر پروگرام رٿيل هو، ان ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ پوليس داداگيري ڪري هٿيار کڻي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري منهنجي گهر ۾ داخل ٿي. منهنجي گهرڀاتين پوليس جي ڪارروائي کي ناڪام بڻايو، گهرڀاتين جڏهن موبائيل کڻي پوليس اهلڪارن جا فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا ته اهلڪار واپس هليا ويا. هن چيو ته هي اسان جا رستا روڪي نٿا سگهن، هنن کي ڀل آهي، هو سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي رستي تان اسان کي هٽائي نٿا سگهن. سڄي سنڌ ۾ 4 مارچ کي قومي ڏينهن ڪري ملهايو ويو آهي. سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، پيپلزپارٽي اڄ پنهنجن ماڻهن ۽ عوام جي جدوجهد جي خلاف ٿي بيٺي آهي. موجوده پيپلزپارٽي سگهارن ادارن جي ساٿاري بڻيل آهي. هن چيو ته سرڪار 4 مارچ جي ڏينهن کي بغاوت جو ڏينهن سمجهي ٿي. شايد انهن کي اها خبر ناهي ته 4 مارچ جو ڏهاڙو سنڌ جي قومي جدوجهد جو اهم ڏهاڙو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.