حيدرآباد ۾ 4 مارچ جي هيري يوسف لغاري جي رستا روڪ، سنڌ ميوزيم کي ڪڙو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سجاڳي فورم پاران حيدرآباد جي شهيد بينظير پارڪ سنڌ ميوزيم ۾ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي حوالي سان نامياري قانوندان ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو يوسف لغاري جو رٿيل ليڪچر پروگرام ٿيڻ کان اڳ اهلڪارن سنڌ ميوزيم کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار بڪتربند گاڏين، پوليس موبائيلن ۽ قيدين واري وين سان گڏ پهچي ويا. جيڪي ڪيتري ئي دير تائين سنڌ ميوزيم ٻاهران موجود رهيا. اطلاعن آهن ته 4 مارچ جي هيري يوسف لغاري کي ڊي آءِ جي حيدرآباد جي ذريعي نياپو ڏنو ويو هو ته سنڌ ميوزيم جي شهيد بينظير پارڪ ۾ ٿيندڙ ليڪچر پروگرام ۾ هو شرڪت نه ڪري ۽ ميزبان تنظيم کي به چيو ويو ته 4 مارچ جو پروگرام ٿيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ نامياري قانوندان ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو يوسف لغاري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي 3 مارچ تي ئي انتظاميا پاران پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ کان منع ڪيو ويو هو، صبح جو وري سنڌ ميوزيم ٻاهران بڪتربند گاڏيون اچي بيهاريون ويون. حڪومت جو اهو عمل انتهائي شرمناڪ آهي، جنهن جي مذمت ڪيان ٿو. هن چيو ته چون ٿا ته جمهوريت آهي، پر جيڪو ڪجهه اڄ سنڌ ۾ ٿيو آهي اهو آمريت کان به وڌيڪ ڀيانڪ آهي، آمريت وارن ڏينهن ۾ به ائين نه ٿيندو هو، جيئن 4 مارچ تي سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 4 مارچ سنڌ جي قومي جدوجهد جو ڏهاڙو آهي، هن ڏهاڙي کي سنڌ جا شاگرد ڀرپور نموني سان ملهائيندا آهن، سنڌ جو عوام حڪومت جي ان ڏاڍ ۽ جبر خلاف اٿندو ۽ سنڌ خاموش نه رهندي، حڪومت کي جيڪي هن قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جون صلاحون ڏين پيا اهي حڪومت جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن. هوڏانهن سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻن سارنگ جويو ۽ ايڊووڪيٽ محب آزاد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اڳ ۾ پوليس ۽ انتظاميا پاران ليڪچر پروگرام ملتوي ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو، جنهن کانپوءِ پروگرام واري هنڌ تي پوليس جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو. هنن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته حڪومت مڪمل طور تي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.