8 تعليمي بورڊن ۾ چيئرمين جي انٽيليجنس ڪليئرنس نه ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (م ڊ) بورڊ ۽ يونيورسٽيز کاتي سنڌ جي 8 تعليمي بورڊن ۾ چيئرمين جي عهدن تي فوري طور تي مقرري لاءِ انٽيليجنس  ڪليئرنس نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هي فيصلو ميڊيا ۾ انهن مقررين تي تنقيد ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ واري معاملي جي ڏس ۾ ڪيو ويو. بورڊ ۽ يونيورسٽي واري سيڪريٽري عباس بلوچ طرفان وڏي وزير کي ان حوالي سان خط لکي چيو ويو ته امتحان ٿيڻا آهن ان ڪري آفيسرن ۽ چيئرمينن جي مقرري ۾ تڪڙ آهي، سڪيورٽي ڪليئرنس جي ڇوٽ ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.