سنڌ ۾ تعليمي بورڊن جي چيئرمينن جي مقرري وارو طريقيڪار چئلينج

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ۾ تعليمي بورڊن جي چيئرمينن جي مقرري واري طريقيڪار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج  ڪيو ويو،عدالت چيف سيڪريٽري، چيئرمين بورڊز ۽ يونيورسٽيز ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کان 7 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو ته جواب نه آيو ته غير حاضري ۾ درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويندو، درخواستگذار الطاف ميمڻ بورڊ چيئرمين جي طريقيڪار کي چئلينج ڪيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته بورڊ چيئرمين جي مقرري سرچ ڪميٽي ذريعي نٿي ٿي سگهي، 2022ع جي قانون موجب سرچ ڪميٽي صرف يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ ٺاهي سگهجي ٿي،  درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾ تعليمي بورڊن جي مقررين جو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.