راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي زال بشريٰ بي بي مشال يوسفزئي کي ترجمان جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل تابش فاروق چيو ته بشريٰ بي بي مشال يوسف زئي کي ترجمان جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ چار فوڪل پرسن مقرر ڪيا. هن چيو ته فوڪل پرسنن ۾ نعيم پنجوٿا، مبشر اعوان، خالد يوسف ۽ راءِ سلمان شامل آهن.
-
ملڪ ۾ 38 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار
نيو يارڪ (شهباز گل) صحافي عدنان عادل خبر ڏني ته ورلڊ بينڪ موجب پاڪستان ۾ 5 سالن جي عمر جا 38 سيڪڙو ٻار اڻپوري واڌ ويجهه جو شڪار آهن، سندن جسم، دماغ ۽ صلاحيت وڌي ناهي سگهندي ڇو ته کين خوراڪ گهٽ ملندي آهي. اها شرح شهرن ۾ 38 سيڪڙو آهي، ٻهراڙي علائقن ۾ اها شرح 60 سيڪڙو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هي ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو؟
-
ملڪي ٽيڪسٽائل برآمد گهٽ ترين سطح تي اچي وئي
اسلام آباد (م ڊ) جولاءِ 2024 کان پوءِ فيبروري 2025 ۾ ٽيڪسٽائل برآمد گهٽ ترين سطح تي اچي وئي. فيبروري ۾ ماهوار بنيادن تي ٽيڪسٽائل برآمد ۾ 26 ڪروڙ ڊالر جي لاٿ آئي، گذريل مهيني ٽيڪسٽائل برآمد جو ڪاٿو هڪ ارب 42 ڪروڙ ڊالر رهيو جيڪو جنوري ۾ هڪ ارب 68 ڪروڙ ڊالر هو. ڊسمبر ۾ برآمد هڪ ارب 48 ڪروڙ ڊالر ۽ نومبر ۾ هڪ ارب 46 ڪروڙ ڊالر هئي. آڪٽوبر ۾ هڪ ارب 63 ڪروڙ ڊالر، سيپٽمبر ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ ڊالر آگسٽ ۽ جولاءِ ۾ ٽيڪسٽائل برآمد تريتيب وار هڪ ارب 64 ڪروڙ ڊالر ۽ هڪ ارب 27 ڪروڙ ڊالر هئي.