پارلياماني سال مڪمل ٿيڻ باوجود سياسي ۽ معاشي معاملا نه سڌريا

اسلام آباد(عاصمه شيرازي) آئيني بينچ پاران ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل جي حوالي سان دليلن جو سلسلو جاري آهي. هن وقت اهم سوال اهوآهي ته اگر جاري ملٽري ٽرائل وارا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن  موڪلجن ته ڇا ٿيندو؟ ٻئي پاسي پارلياماني سال مڪمل ٿيڻ تي صدر پاران 10 مارچ تي خطاب ڪيو ويندو ۽ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪندي.وفاقي سرڪار جي ڪارڪردگي  معيشت ، پرڏيهي معاملا ۽ دهشتگردي خلاف ڪاررواين جي بنياد تي طئي ٿيندا.عمران سرڪار هجي يا پي ڊي ايم ۽ نگران حڪومت ان دوران معاشي صورتحال خراب رهي آهي. ۽عدم استحڪام رهيوآهي. سياسي حوالي سان ته اڳڀرائي آهي پر ايس آءِ ايف سي جي ڪارڪردگي هن وقت تائين سامهون ناهي آئي. هڪ سال اندر ڪهڙيون اڳڀرايون ٿيون آهن ۽ نتيجا نڪتا آهن اهو سوال موجود آهي. ٻئي پاسي انفليشن گهٽي آهي ايڪسپورٽ گهٽي آهي.ترسيلات زر جي حوالي سان عمران خان جي اپيل هئي. پر ان جو کڙتيل نه نڪتو.ايڪسپورٽ 17.3 جي حساب سان گزريل مهيني جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي آهي. اهو پاڪستان لاءِ هڪ چيلينج آهي جيڪو ايڪسپورٽ کي وڌائڻ لاءِ ڪوششُن ڪري رهيو آهي. حڪومت چوي پئي ته بجلي جا اگهه به گهٽ ٿيندا ته اها بهتر ڳالهه هوندي.سياسي طور تي ڪا بهتري ناهي آئي ۽ سياسي ڌرين پاران پارليامينٽ کي بااختيار ناهي ڪيو ويو. ڳالهيون به پي ٽي آئي سان ڪامياب نه ويون آهن. سو سياسي ۽ ان سان جڙيل معاشي معاملن تي بهتري ناهي آئي. پارليامينٽ مان پيڪا جهڙا قانون پاس ٿي ويا  جيڪا اسٽيبلشمنٽ جي خواهش هئي. مخالف ڌر جون پارٽيون به پنهنجو مڪمل ڪردار ڏيڻ ۾ پارليامينٽ اندر ناڪام ويون آهن ۽ اپوزيشن اتحاد تي به ناڪامي نظر اچي رهي آهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 05 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.