پارا چنار ۾ روڊ بند، شين جي کوٽ، افطاري لاءِ خارڪون به نٿيون ملن!

پارا چنار (م ڊ) ڪرم ايجنسي جي علائقي پارا چنار ۾ روڊن جي بندش خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران  رهواسين صوبائي حڪومت کان ٽرانسپورٽ جا رستا کولڻ ۽ سندن جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو، ياد رهي ته پارا چنار ۽ ان سان ملندڙ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ گذريل پنجن مهينن کان ملڪ جي ٻين علائقن کان ڪٽجي ويا آهن، جنهن سبب جبلن ۾ گھريل هن علائقي ۾ خوراڪ ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ جي اچڻ کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون آهن ۽ اڪثر ماڻهن وٽ افطار لاءِ کجور به ناهي، جڏهن ته  چانهه ۽ مانيءَ سان سحري ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.