نيو يارڪ (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر جي هڪ وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ کي هنج ۾ کڻي چئي رهيو هو ته سندس اولاد هاڻ سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندي. جاچ موجب، اهو اسڪول نواز شريف سينٽر آف ايڪسيلينس فار ارلي چائلڊهڊ ايجوڪيشن آهي، جيڪو رڳو ٻه ڏينهن اڳ کوليو ويو آهي. هن اسڪول تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جنهن سبب اهو عام سرڪاري اسڪولن کان بلڪل مختلف آهي. اسڪول ۾ جديد ماڊل ڪلاس روم، سوئمنگ پول، آرٽ جون سهولتون، ۽ ٻيون شيون موجود آهن، جيڪي عام سرڪاري اسڪولن ۾ نظر نٿيون اچن. ان اسڪول لاءِ سي اي او جي پگهار ساڍا 9 لک رپيا مقرر ڪئي وئي. لڳي ٿو ته وزير پنهنجي پٽ کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ئي خاص طور تي نئون ماڊرن اسڪول کولرايو، جنهن تي عوام جو پئسو خرچ ڪيو ويو. جڏهن ته سمورن سرڪاري اسڪولن کي اهڙو بڻائڻ ممڪن ناهي، ان ڪري هڪ اسڪول کي خاص طور تي جديد بڻائي سياسي فائدو ورتو پيو وڃي.