ٽئين عالمي جنگ واري جوئا کيڏڻ ڪيئن آهي؟

تحرير; جاويد نقوي

ان موضوع تي ڪافي مضبوط موقف ۽ مختلف رايا آهن، تنهن ڪري اھم نقطي تي اچڻ کان اڳ ڪجهه وضاحتون ضروري آهي. وائيٽ هائوس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ولاديمير زيلنسڪي جي بيان ۾ ٿيندڙ اڻوڻندڙ ڏند چڪ  سڀني جو ڌيان ڇڪايو آهي، پر مان هتي هڪ ننڍڙو نقطو بيان ڪرڻ چاهيندس.

لفظن جي ان جھڙپ سان  مون کي هڪ پراڻي چيني چوڻي ياد اچي وئي.جيڪا ڪجهه هن طرح آهي: "جيڪڏهن دشمن غلطي ڪري رهيو آهي، ته ان نھ ٽوڪيو“ سو ٿورو ان بابت  سوچيو تھ جيڪڏهن پنھنجي گھر آمريڪا ۾ ٽرمپ جي تڪراري ڪارناما سان عالمي جاسوسي نيٽ ورڪ ‘فائيو آئيز’ (جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا، ڪينيڊا ۽ نيوزي لينڊ شامل آهن) ڪمزور ٿي رهيو آهن، ته ڇا اهو باقي دنيا لاءِ سڪون جو سبب نه هجڻ گهرجي؟

ڪجهه ماڻهن شايد هن موضوع تي ايڊورڊ سنوڊن جو نقطه نظر ياد ڪن.فائيو آئيز انٽيليجنس اتحاد بابت ان ئي  انڪشاف ڪيو هو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي پنهنجن شهرين جي جاسوسي ڪندا آهن ۽ انهن جي معلومات ھڪ ٻئي کي شيئر ڪندا آهن.عالمي سفارتڪاري جي نقطه نظر کان،ڏٺو وڃي تھ  جيڪڏهن يوڪرين جنگ بابت ٽرمپ جي قدمن سان وڌيڪ  انساني جانين  زيان نٿو ٿئي ۽ يورپي ڦرلٽ ڪندڙ  طاقتن جي وچ ۾ پراڻو فوجي اتحاد به ڪمزور ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ دنيا کي ان  پيش رفت تي خوش ٿيڻ گهرجي يا پريشان ؟

ان موضوع تي نظر رکندڙ ڪجهه حلقن جي مطابق ولاديمير پيوٽن امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. زيلنسڪي ان کي دهشتگرد قرار ڏئي چڪو آهي. يوڪريني آئين ھن کي پيوٽن سان ڪنھن  طرح جي ڳالھھ ٻول نھ ڪرڻ جو پابند ڪري ٿو.پر، صورتحال تي بحث ڪري اسين ڪنهن به نتيجي تي نٿا پهچي سگهون۽ نه ئي مسئلا حل ڪري سگھون ٿا.حقيقت ۾ جمعي ڏينھن   اوول آفيس ۾ ڪيل هڪ اهم نقطي کي نظرانداز ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سمورا فرد  زيلنسڪي، سندس ميزبان ٽرمپ ۽ پيوٽن جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻ ۾ مصروف ھئا.

اهم نقطو ، ٽرمپ جو زيلنسڪي کي اھو چئي دروازو ڏيکارڻ ھو ته، "توھان  ٽئين عالمي جنگ سان جوئا کيڏي رهيا آهيو.” اهو ياد ڪرڻ ڏکيو آهي ته هڪ  وحشياني جنگ ۾ پنھنجي اتحادي جو ساٿ ڏيندڙ ڪنھن آمريڪي صدر کي اھو اعتراف ڪندي ٻڌو ويو ھوندو  ته اھو  تڪرار ممڪن طور تي ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.

ڪجهه حلقا ٽرمپ کي آمريڪا، ان جي جمهوريت وغيره لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيا آهن، ۽ انهن جي تنقيد بھ جائز آهي. پر جنھن وقت ھي  تنقيد ڪئي پئي وڃي ان جي ٽائمنگ جي ڪري اھم مسئلو نظرانداز ٿي رھيو آھي.ان کي اداڪار جيڪ نيڪلسن پنهنجي فلم ‘ايز گڊ ايز اِٽ گيٽس’ ۾ بهترين انداز ۾ بيان ڪيو، جنھن جو ترجمو ھن ريت ٿئي ٿو، ‘مان هتي ٻڏي رهيو آهيان ۽ تون مون کي ٻڌائي رهيو آهين ته پاڻي ڪيئن آهي.’

ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ٻيو نقطو پيش ڪيو جنهن زيلنسڪي کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته يوڪرين روس جنگ ڪڏهن به ٿيڻ ئي نھ گهرجي ها. هي انھن وچ ۾ جنگ آھي جيڪي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن، بلڪل جيئن افغانن کي حيلن بهانن سان هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ ڀڙڪايو ويو ۽ پوءِ جڏهن سامراجي طاقتن  جي جنگ ۾ دلچسپي ختم ٿي وئي، تھ انھيءَ حالت ۾ڇڏيو ويو. اسان ويٽنام ۾ به تقريبن اھو ئي ڪجھ ڏٺو ھو، جتي ڀائرن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڪيو ويو ھو.

عراق جنگ  بھ ساڳئي طرح شروع ڪئي وئي، جيئن يوڪرين جو تڪرار پيدا ڪيو ويو. حڪمت عملي ساڳي هئي تھ ھدف کي تباھي واري جنگ ۾ ڌڪيو وڃي ۽ پوءِ انهن کي نتيجا ڀوڳڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو وڃي.اڳوڻي آمريڪي سفير اپريل گلاسپي ،جيڪو صدام حسين سان ڪي سال اڳ ڪيو هو، اھو ئي يوڪرين ۾ آمريڪي سفير وڪٽوريا نولينڊ، زيلنسڪي سان ڪيو . انهن ٻنهي عالمي اڳواڻن کي ظالماڻي جنگين ۾ ڌڪيو ويو، جن جا نتيجا انهن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيا.

تازي جنگ کان اڳ، روسي ۽ يوڪريني ٻئي پاڻ کي  هڪ وڏي سلاويڪ خاندان جو حصو سمجهندا هئا. انهن جي تاريخ  خاص طور تي ايڊولف هٽلر کي شڪست ڏيڻ جي معاملي ۾ھڪجھڙي ھئي. پر اھا جدا ڳالھھ آھي تھ يوڪرين ۾ نازي همدرد  موجود رهيا آهن. روسي ۽ يوڪريني ٻنھي قومن جا گرجا گھر ساڳيا هئا ۽ انهن جي ثقافت ۽ کاڌي پيتي ۾ به هڪجهڙائي هئي.

ستم ظريفي اها آهي ته طاقتور سوويت يونين  اڳواڻن جو تعلق  به يوڪرين سا ھو. اڳوڻو وزيراعظم نڪيتا خروشچيف،ڪميونسٽ پارٽي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ليونيڊ بريزنيف ۽ ڪونسٽانٽين چرنينڪو يوڪرين ۾ پيدا ٿيا يا اتي ئي  پرورش پاتي.

ڊونلڊ ٽرمپ، زيلنسڪي کي ڇو خبردار ڪري رهيو ھو  ته جيڪڏهن يوڪرين روس کي ٻاهرين هٿيارن سان ڀڙڪائڻ جو سلسلو جاري رکيو تھ ايٽمي تباهي ٿي سگهي ٿي؟ ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته هو زيلنسڪي کي رڳو تنبيهھ نھ ڪري رهيو هو، پر پنهنجي سڀني يورپي اتحادين کي ٻڌائي رهيو هو ته هن بي مقصد تڪرار جا تباهي ڪندڙ نتيجا  نڪرندا. هاڻي جڏهن روس ۽ آمريڪا جنگ کي ملتوي ڪرڻ لاءِ  هڪ ئي صفحي تي آهن، تھ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو، تباھي جو محرڪ ڪير ٿي پئي سگهيو؟محرڪ تھ ڪيترائي آهن،رڳو وچ اوڀر نھ آھي، پر ڏکڻ چين سمنڊ پڻ هڪ غير مستحڪم علائقو آهي. پر مشهور روسي راند ‘روليٽ’، جنهن ۾ ٻه حريف واري واري سان ھڪ ٻئي جي لوندڙي بندوق تاڻي گولي ھلائين ٿا. لنڊن ۾ کيڏيو پيو وڃي، جتي ساڳيا پراڻا رانديگر موجود آهن.

هڪ نئون اتحاد وجود ۾ آيو آهي. ڪيئر اسٽارمر ۽ ايمانوئل ميڪرون،جيڪي  ٻئي پنهنجن ملڪن ۾ گهٽجندڙ مقبوليت کي منهن ڏئي رهيا آهن، يوڪرين کي فوجي امداد موڪلڻ لاءِ زور ڏئي رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته اهي اهو ان ڪري رهيا آهن  تھ جيڪڏهن جنگ بندي ٿئي ٿي ته ان صورت ۾زيلنسڪي جي پوزيشن مستحڪم هجڻ گهرجي. معتبر مبصر ان کي پيوٽن لاءِ خطرناڪ قدم سڏين ٿا. روس يوڪرين تي ان ڪري  حملو ڪيو ھو  ڇاڪاڻ ته اهو نيٽو کي پنهنجي سرحدن تي نٿو چاهي. يورپي ملڪ ڄاڻن ٿا ته ولاديمير پيوٽن ڪڏهن به انهن کي پنهنجا پاڙيسري قبول نه ڪندو.

ٽرمپ پنهنجو ٻئي مدي ۾صدر جي حيثيت سان  اھو تاثر ڏنو آھي ته اولهه، خاص طور تي نيٽو، ڄاڻي واڻي پيوٽن کي ڀڙڪايو. برطانيه ان ڳالھھ تي  زور ڏئي رهيو آهي ته روس جي فتح يورپ لاءِ خطرو پيدا ڪندي. ڇا ان دعويٰ ۾ ڪا حقيقت آهي؟ يا انهن جو اھو موقف صرف برطانيه جي روس فوبيا (روس اسان نفرت ) جي ڊگهي تاريخ جي ڪري آهي؟

ونسٽن چرچل جي ‘آئرن ڪرٽين’ تقرير ۽ جيمس بانڊ جي عروج سان روسوفوبيا مضبوط ٿيو آهي. جو بائيڊن جي اقتدار جي دور ۾ بھ اھو ئي چيو ويندو هو ته روس جنگ هارائي چڪو آهي، پر ٽرمپ ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿي رھيو آھي، ان جي بدران، ٽرمپ جون نظرون يوڪرين جي معدني ذخيرن تي کتل آهن.

ٽرمپ شايد ڄاڻي ٿو ته يوڪرين جي جنگ کي ڪجهه حلقا شام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڪاوٽ وجھڻ تي هيلري ڪلنٽن جي پيوٽن جي خلاف انتقام جي طور تي ئي ڏسن ٿا.بلڪل اھڙي طرح جھڙي ريت  اينٽوني بلنڪن سان گڏ ليبيا کي سنڀاليو ھو.

ٽرمپ جي اندر  موجود ڪاروباري ماڻهو غير ضروري خطرو کڻڻ کان لنوائي رهيو آهي. جڏهن تھ

گذريل مهيني کيس خبر ملي ھوندي  ته واشنگٽن ايئرپورٽ ويجهو هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر، هڪ ڪمرشل جهاز سان ٽڪرائجي ويو آهي. هيلي ڪاپٽر هڪ فرضي ايٽمي حملي دوران  صدر کي ڪڍڻ جي فرضي  مشق جو حصو هو.ان کي وڌيڪ پراسرار بڻائڻ لاءِ، ايني جيڪبسن جي بصيرت واري ڪتاب ‘نيوڪليئر وار’ جو حوالو ڏيون ٿا، جنهن ۾ ھڪ ليکڪ  جوھري جنگ ڇڙڻ تي هڪ  خيالي دنيا ٺاهي.ان ڪتاب ۾ اھو فرضي خيال بھ شامل آھي تھ ھڪ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ آمريڪي صدر بھ زخمي ٿئي ٿو ۽جنھن کي رسڪيو ڪري سيف ھائوس۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو، پر ھن کي ڪيترائي فريڪچر رسن ٿا.پر  سندس مدد ڪرڻ لاءِ ڪوبھ زندھ نٿو بچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.