اسان ڪالهه ئي 4 مارچ 2025ع وارو ايڊيٽوريل ان سري هيٺ لکيو هو ته سنڌي شاگرد تحريڪ جو هر ڏينهن 4 مارچ جو ڏينهن ۽ تاريخ ئي آهي. ڇاڪاڻ ته 4 مارچ 1967ع واري واقعي جي ذميوارن جو مائينڊ سيٽ اڄ به ساڳيو آهي ۽ ان جي ورتاءُ ۾ ڪو فرق ناهي آيو سو ڪالهه به 4 مارچ 1967ع جهڙي واقعي جو ورجاءُ ٿيو آهي. رپورٽون آهن ته ڪالهه 4 مارچ 2025ع جي تاريخ تي پڻ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي پوليس چڙهائي ٿي آهي ۽ شاگردن مٿان شيلينگ ٿي آهي جيڪي 4 مارچ وارو ڏينهن ملهائي رهيا هيا. اهي به رپورٽون آهن ته چار مارچ جو هيرو يوسف لغاري جنهن جو ان موضوع تي ليڪچر پروگرام هيو تنهن کي به ليڪچر ڪرڻ نه ڏنو ويو. هوڏانهن ناميارو اديب تاج جويو جيڪو 4 مارچ جي روشني ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ واري پروگرام جي تياري ڪري رهيو هو تنهن کي پڻ گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس سندس گهر آئي ته اسان سان ٿاڻي تي هلو جو حڪم آهي جنهن تي تاج جويي کين چيو ته پوءِ اهڙي حڪم نامي جو وارنٽ ڏيکاريو ته مان توهان سان هلان ٻي صورت ۾ نه هلندس.
رپورٽن موجب سنڌ سجاڳي فورم پاران حيدرآباد جي شهيد بينظير پارڪ سنڌ ميوزيم ۾ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي حوالي سان نامياري قانوندان ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو يوسف لغاري جو رٿيل ليڪچر پروگرام ٿيڻ کان اڳ اهلڪارن سنڌ ميوزيم کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار بڪتربند گاڏين، پوليس موبائيلن ۽ قيدين واري وين سان گڏ پهچي ويا. جيڪي ڪيتري ئي دير تائين سنڌ ميوزيم ٻاهران موجود رهيا. اطلاعن آهن ته 4 مارچ جي هيري يوسف لغاري کي ڊي آئي جي حيدرآباد جي ذريعي نياپو ڏنو ويو هو ته سنڌ ميوزيم جي شهيد بينظير ڀٽو پارڪ ۾ ٿيندڙ ليڪچر پروگرام ۾ هو شرڪت نه ڪري ۽ ميزبان تنظيم کي به چيو ويو ته 4 مارچ جو پروگرام ٿيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ نامياري قانوندان ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو يوسف لغاري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي 3 مارچ تي ئي انتظاميا پاران پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ کان منع ڪيو ويو هو، صبح جو وري سنڌ ميوزيم ٻاهران بڪتربند گاڏيون اچي بيهاريون ويون. حڪومت جو اهو عمل انتهائي شرمناڪ آهي، جنهن جي مذمت ڪيان ٿو. هن چيو ته چون ٿا ته جمهوريت آهي، پر جيڪو ڪجهه اڄ سنڌ ۾ ٿيو آهي اهو آمريت کان به وڌيڪ ڀيانڪ آهي، آمريت وارن ڏينهن ۾ به ائين نه ٿيندو هو، جيئن 4 مارچ تي سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 4 مارچ سنڌ جي قومي جدوجهد جو ڏهاڙو آهي، هن ڏهاڙي کي سنڌ جا شاگرد ڀرپور نموني سان ملهائيندا آهن، سنڌ جو عوام حڪومت جي ان ڏاڍ ۽ جبر خلاف اٿندو ۽ سنڌ خاموش نه رهندي، حڪومت کي جيڪي هن قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جون صلاحون ڏين پيا اهي حڪومت جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۽ سنڌي قوم ڏانهن اهو رويو خود ملڪ ۽ وفاق لاءِ بهتر ناهي. اصولي طور تي ملڪي ٿنڪ ٽينڪ کي پنهنجي ان پاليسيءَ تي نظرثاني جو سوچڻ گهرجي ۽ ملڪي تاريخ جي تلخ تجربن مان سکڻ گهرجي. وفاق جي ان رويي سبب ئي بنگال ملڪ کان ڌار ٿي ويو، بلوچستان جو عوام عليحدگي جون تحريڪو هلائي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ به قومپرست جماعتون ان رستي تي هلي رهيون آهن. افسوس جي ڳالهه آهي ته ان بغاوتي لهر کي ڏسندي به ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ناهي.
هن ملڪ جي تاريخ پڙهبي ته شروع کان ئي ملڪ جي قومن ۽ ننڍن صوبن سان زيادتيون ڪيون ويون آهن ڄڻ ته اڻ قبوليون ويون آهن . قومن جي ٻولين سان به دشمنن وارو ورتاءُ رکيو ويو آهي اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته ملڪ جون اهي ئي قومون آهي جن مسلمانن لاءِ ڌار وطن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ انگريز حڪومت جون سختيون برداشت ڪيون پر جڏهن 1940ع واري ٺهراءُ کي پٺي ڏني وئي، مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو نه ڏنو ويو، قومن کي پنهنجا حق نه مليا ته عليحدگين جون تحريڪون شروع ٿيون.
4 مارچ 1967ع وارو واقعو به ون يونٽ مخالف تحريڪ واري ماحول ۾ ٿيو هو جڏهن شيخ اياز اهو شعر لکيو هو ته ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ ان دور ۾ سڀني صوبن کي ملائي ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو هو، جيڪو ڊگهي جدوجهد کان پوءِ ختم ٿيو هو. 4 مارچ 1967ع واري شاگرد تحريڪ کي به ون يونٽ واري دور ۾ چٿيو ويو هو.
پر صورتحال اڄ به ون يونٽ جهڙي ئي آهي. اڄ به ملڪ جي قومن ۽ ننڍن صوبن کي بيدردي سان نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ جي وڏي صوبي کي ئي وفاق جي علامت ۽ ملڪ جو لاڏلو صوبو سمجهيو وڃي ٿو. ان پاليسيءَ جي تسلسل سبب قومي سياسي جماعت جي جدوجهد به ساڳي طريقي سان قائم آهي ۽ تيستائين اهو سلسلو موجود هوندو جيستائين ملڪي ٿنڪ ٽينڪ پنهنجي پاليسيءَ ۾ تبديلي نه ٿي آڻي ۽ ملڪ جي ننڍن صوبن ۽ ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي پنهنجو نه ٿو سمجهيو وڃي.
افسوس ته ڪالهه به سال 2025ع ۾ به 4 مارچ 1967ع واري واقعي جو ورجاءُ ٿيو آهي جڏهن ته ڪالهه ته رڳو 4 مارچ جي واقعي جي ياد ۾ ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڪجهه ليڪچر پروگرام هيا جن کي به برداشت نه ڪيو ويو ۽ ِ شاگردن تي پوليس تشدد ڪيو ويو ۽ مٿن شيلنگ ڪئي وئي. يعني اڄ به ملڪ اندر ون يونٽ ئي قائم آهي جنهن خلاف جدوجهد هلي رهي آهي. سو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيستائين اهو سلسلو هلندو ۽ ڪيستائين ننڍن صوبن ۽ قومن توڙي مادري ٻولين کان غير ضروري طور تي خوف کاڌو ويندو. ڀلا جيڪڏهن ڀارت پنهنجي صوبن کي قومي رياست بڻايو آهي ۽ پنهنجين قومن کي قبوليو آهي ته ڀارت جي رياست کي ڪهڙو نقصان پهتو آهي اڃان به ڀارتي رياست مضبوط ٿي آهي
سو پاڪستان ۾ به جيڪڏهن ننڍن صوبن، ان ۾ رهندڙ قومن ۽ قومن جي ٻولين کي قبول ڪيو ويندو، کين سندن حق ڏنا ويندا ته ان ملڪ ۽ وفاق مضبوط ٿيندو پر افسوس ته اهڙي سوچ رکندڙن کي هتي ملڪ دشمن سمجهيو ويندو آهي ۽ ون يونٽ واري سوچ جي حامين کي وري هتي ملڪ جو خيرخواه سمجهيو ويندو آهي جن ملڪ کي هر دور ۾ ڪمزور ڪيو آهي ۽ لاڳيتو ڪمزور ڪري رهيا آهن جڏهن ته حقيقت ۾ ملڪ جون سڄڻ ڌريون اهي آهن جيڪي 1940ع واري ٺهراءُ جي روح تحت هن ملڪ کي هلائڻ جي حق ۾ رهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ اندر هر دور وانگر ڪالهه به عتاب جو تازو ترين شڪار ٿيون آهن.