گذريل هفتي، ڪجهه چريا، ڪجهه بدحواس، ڪجهه کسڪيل۽ ڪجهه مجذوب گڏجي ويٺا ھئا. پنهنجي زندگيءَ جا سٺ کان وڌيڪ سال پوئتي ڇڏي آيا ھئا. انهيءَ ڪري اهي سڀ سٺايل هئا. اهي سڀ اھو ڏسڻ ۽ سوچڻ لاءِگڏجي ويٺا ھئا تھ انھن ۽ انھن جي ابن ڏاڏن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيڪو نعرو ھنيو ھو.اھو نعرو ڪنھن جي لاءِ ھو ؟ هندستان جي ورهاڱي کان اڳ، جيڪو نعرو اسان جي وڏڙن سڀني نعرن کان وڌيڪ زور سان ھنيو ھو.اھو ھو”رت ست ھڪ ڪنداسين، ضرور وٺنداسين پاڪستان“ سڀني جو زور ”وٺنداسين پاڪستان“ تي ھو.ان هڪڙي نعري سٺايل پوڙھن جي ننڊ اڏائي ڇڏي ھئي. اهي سڀ سوچي رهيا هئا،ضرور وٺنداسين پاڪستان جو نعرو، اسان ڪنھن جي لاءِ بلند ڪيو ھو. اسان پاڪستان ڪنهن کي وٺي ڏيڻ چاھيو ھو ؟ اسان ڇا ايرن غيرن ،نٿو خيرن جي لاءِ پاڪستان جي گھر ڪري رھيا ھئاسين ۽ پنهنجو رت ست ھڪ ڪري رھيا ھئاسين ؟ يا وري اسين پنھنجن پٽن،ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽين جي لاءِ پاڪستان وٺڻ جا نعرا هڻي رهيا هئاسين ته جيئن جڏھن پاڪستان ٺھي وڃي تھ اھي پاڪستان تي حڪومت ڪندا رھندا ؟ ڏاڍي جوش ۾ ھئا سٺايل پوڙھا.پوڙھن پڪن ۽ سينئر سٽيزنز جو اھڙي طرح گڏجي ويھڻ ڪنهن وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي ڪيبينٽ ميٽنگ کان گهٽ نه هو. مان پاڻ اتي موجود هوس. ان سڄي واقعي جو مان اکين ڏٺو شاھد آھيان.جيڪو مون ڏٺو، اھا ڳالھھ مان اوهان ٻڌائي رهيو آهيان.
هاڻي توهان بجا طور تي سوچي رهيا هوندا ته ڪارن وارن ۽ وڏي وڏي مڇين جو مان نوجوان سٺايل پوڙھن وچ ۾ ڇا ڪري رھيو ھوس. مان دنيا کي دوکو ڏئي سگهان ٿو، پر اوھان کي نه. اخبارون ڇاپيندڙ ۽ اخبار پڙهندڙ وڏا کڙپيل ھوندا آهن. توهان انهن کي چڪر نٿا ڏئي سگھو. انهيءَ ڪري مان توهان کان ڪجهه به نٿو لڪايان. مون کي خبر آهي ته توهان ُاڏامندڙ پکيءَ جا پر ڳڻي سگهو ٿا.توھان اڏامندڙ پکي جا پر ڇو ڳڻيندا آھيو.سبب مان نٿو ڄاڻان،ُٻڌو آھي تھ دنيا جا ننڍا وڏا افلاطون اڏامندڙ َپکين جا پر ڳڻي سگھن ٿا.اھا انھن جي بي انتھا ذھين ھجڻ جي نشاني آھي،بلڪھ ثبوت آھي.جيڪڏهن توهان ڪنهن سياڻي کان ثبوت گھرو تھ اھو ڪيئن دعويٰ ڪري ٿو تھ ھو پنھنجي وقت جو افلاطون آھي ؟ توھان کي ريڊي ميڊ جواب ملندو.سياڻو صاحب اھو ثابت ڪرڻ جي لاءِ تھ اھو ھن دور جو افلاطون آھي.جواب ڏيندو تھ ھو ُاڏامندڙ پکي جا پر ڳڻڻ جو ُھنر ڄاڻندو آھي.ھڪجھڙائي رکندڙ جواب ھر ملڪ ۾ هر افلاطون جي زبان مان ٻڌڻ لاءِ ملندو.طئي ٿيو تھ دنيا جو ڪو شخص تيستائين افلاطون سڏائڻ جي قابل ناھي ھوندو جيستائين اھو ُاڏامندڙ پکي جا پر ڳڻڻ جي سعادت حاصل نھ ڪري وٺي.ُاڏامندڙ پکي جي پر ڳڻڻ جي ُھنر ۾ ڪھڙي قسم جي حڪمت لڪيل آھي. مان نٿو ڄاڻان،پر ڪم ڏکيو آھي.مون ڪيترائي ڀيرا ُاڏامندڙ پکي جا پر ڳڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،پر ناڪام رھيو آھيان.منھنجي نصيب ۾ افلاطون بڻجڻ لکيل نھ آھي.
هاڻي مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته ڪارن وارن ۽ ڊيڄاريندڙ خوفناڪ مڇون چھري تي سجائي، مان نوجوان کک پوڙهن جي هن غير معمولي اجلاس ۾ ڇا ڪري رهيو هوس، سڀ کان پھرين مان، توهان جي غلط فهمي دور ڪرڻ چاهيان ٿو. مان نھ تھ نوجوان آهيان ۽ نھ ئي جوان آهيان. توھان منهنجين گهاٽين،ڊڄاريندڙ ڪارين ُمُڇن ۽ وارن تي نه وڃو. مان پرڏيهي خضاب استعمال ڪريان ٿو.ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾ منھنجا دوست يار ملازمت ڪندا آھن. پاڪستان تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جو راڄ آهي.انھن جي سڌي ۽ اڻ سڌي ايندڙ شين ۾ منهنجي لاءِ ڪسٽمز جا دوست اعليٰ نسل جو خضاب ڪڍي وٺندا آھن. پاڪستان تي راڄ ڪندڙ ڳڻڻ جيترا حڪمران پنجهتر سالن کان ولائتي خضاب استعمال ڪري رهيا آهن ۽ نوجوان نظر اچن ٿا. مان به اھو ئي يعني غيرملڪي ولائتي خضاب استعمال ڪريان ٿو.مان خاصو پوڙهو آهيان ۽ مان ُڪوچ ڪرڻ لاءِ رسيد به ڪٽرائي ورتي آهي. پر توھان کي نوجوان ڏسڻ اچان ٿو. توهان گھاٽيون ُمُڇون ۽ وار تھ ڪارا ڪري سگھو ٿا، پر توهان نوجوانن وانگر هلي ڦري نٿا سگهو. وار ڪارا ڪرڻ سان توهان جي گوڏن ۽ چيلهھ جو سور ڪيڏانھن نٿو وڃي. اهو موتمار ُسور توهان کي ياد ڏياريندو رهي ٿو ته توهان ستر، اسي، نوي،۽ هاڻي سئو سالن جي چائنٽ تي بيٺا آهيو،توھان ، توھانکي کڻندڙ ٽرين جو انتظار ڪري رهيا آهيو.
خوام مخواھ جون بي مقصد ڳالهيون کڻي ويھي رھيون آھيان.اچڻ ۽ وڃڻ جو عمل قيامت تائين جاري رهندو. توهان، مان،يا ڪو ٻيو ان عمل ۾ ڪنھن قسم جي تبديلي نٿا آڻي سگھون، اسين سڀ ايندا رهنداسين. پنهنجي اننگز کيڏڻ کان پوءِ، هي دنيا ڇڏي ويندا رھنداسين. مستقل عمل بابت سوچڻ بيڪار آهي.توھان،پوڙھن پڪن جي پنجھتر سالن کان لڳاتار ٿيندڙ ڪانفرنس جو پڄاڻي وارو احوال ٻڌي وٺو. اهي ماڻهو بجا طور تي سوچڻ تي مجبور ھئا تھ ستر، اسي سال اڳ انهن ۽ انهن جي ابن ڏاڏن، ڪھڙي پاڪستان کي وٺڻ جو نعرو ھنيو ھو : ” رت ست ھڪ ڪنداسين، ضرور پاڪستان وٺنداسين ؟ سردارن، چوڌرين ۽ وڏيرن کي وٺي ڏيڻ لاءِ، اسان رت ست ھڪ ڪرڻ ۽ هر قيمت تي پاڪستان وٺڻ جو نعرو ھنيو ھو ؟ يا وري چوربازاري، ھيراڦيري ڪندڙ بادشاھ صنعتڪارن کي پاڪستان وٺي ڏيڻ جو نعرو بلند ڪيو ھو؟ يا اھو تھ سموري ملڪ جي سسٽم ۾ ڪرپشن جي وبا پکيڙندڙن جي لاءِ رت ست ھڪ ڪري حاصل ڪيل پاڪستان ٺاهيو ويو هو ؟ اسين پڪا کک پوڙها ان مونجھارن ۾ ڦاسي پيا آھيون. هاڻي توھان ٻڌايو ته اسان جي ابن ڏاڏن ڪنھن جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ٺاهيو هو؟
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)
ابن ڏاڏن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيڪو نعرو ھنيو ھو.اھو نعرو ڪنھن جي لاءِ ھو ؟ هندستان جي ورهاڱي کان اڳ، جيڪو نعرو اسان جي وڏڙن سڀني نعرن کان وڌيڪ زور سان ھنيو ھو.اھو ھو”رت ست ھڪ ڪنداسين، ضرور وٺنداسين پاڪستان“ سڀني جو زور ”وٺنداسين پاڪستان“ تي ھو.ان هڪڙي نعري سٺايل پوڙھن جي ننڊ اڏائي ڇڏي ھئي. اهي سڀ سوچي رهيا هئا،ضرور وٺنداسين پاڪستان جو نعرو، اسان ڪنھن جي لاءِ بلند ڪيو ھو. اسان پاڪستان ڪنهن کي وٺي ڏيڻ چاھيو ھو ؟ اسان ڇا ايرن غيرن ،نٿو خيرن جي لاءِ پاڪستان جي گھر ڪري رھيا ھئاسين