راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پردي پٺيان ڪي به ڳالهيون ناهن ٿي رهيون.
اڊيالا جيل ٻاهران عمران خان سان ملاقات کان اڳ ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته ملاقاتن ۾ رنڊڪن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان بار بار رابطو ڪيو آهي.
هن چيو ته بيڪ ڊور ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، اسان جي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي هئي، پر ان جو ڪو به نتيجو نه نڪتو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ناڪام رهي، بهتر اهو ٿيندو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿئي ۽ سياسي مسئلي جو سياسي حل نڪرڻ گهرجي.