آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري لاءِ مون ۽ آرمي چيف دوست ملڪن جا دورا ڪيا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر خوارج جي خاتمي تائين ممڪن ناهي، معاشي استحڪام ۽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ مان ۽ آرمي چيف دوست ملڪن وٽ وياسين.
اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ حڪومت جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪابينا جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته حڪومت کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، پر اپوزيشن اسان خلاف ڪو به اسڪينڊل نه آڻي سگهي.
هن چيو ته رمضان جو مهينو اسان کي انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿو، ان ئي جذبي تحت هن سال رمضان پيڪيج لاءِ 20 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، جيڪي ملڪ جي 40 لک ڪٽنبن تائين پهچايا ويندا.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو، ڇو ته غزه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ بيگناهه شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪشميري به ظلم جو شڪار آهن.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، هاڻي عالمي ادارا به مڃي رهيا آهن ته پاڪستان جي معيشت هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.
شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ اسان کي 5 ارب ڊالر جو فرق ختم ڪرڻو هو، جنهن لاءِ مان ۽ آرمي چيف مختلف دوست ملڪن وٽ وياسين، سعودي عرب تيل جي سهولت بحال ڪئي ۽ گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جو اوور رول ڪيو.
وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته گڏجي ڪم ڪرڻ سبب مهانگائي گهٽجي رهي آهي. اسان کي هڪٻئي جون ٽنگون نه ڪڍڻ گهرجن، ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ گڏجي محنت ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.