راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جيل معاملن بابت وڪيل فيصل چوڌري کي قانوني مدد کان روڪي ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان پارٽي قيادت، سينيئر وڪيلن ۽ گهروارن ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن فيصلو ڪيو ته جيل معاملن بابت قانوني مدد لاءِ هاڻ وڪيل ظهير عباس چوڌري ڪم ڪندو.
ان کانسواءِ پي ٽي آءِ باني نياز الله نيازي کي پنهنجو ترجمان مقرر ڪيو آهي.
ياد رهي ته عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي اڳ ۾ ئي مشعال يوسفزئي کي ترجمان جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو.
نيون مقرريون پارٽي قيادت، سينيئر وڪيلن ۽ گهروارن جي موجودگي ۾ ڪيون ويون.
You might also like