رمضان المبارڪ ۾ به گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ نه ٿي!

تحرير: غلام حسين جوڻو

رمضان المبارڪ رحمتن، برڪتن ۽ بخششن جو مهينو آهي. اهو ڀلارو مهينو آهي. هن مهيني ۾ رب جي رضا لاءِ عبادتون ڪيون وڃن ٿيون. روزا رکيا ويندا آهن ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ويندي آهي. حڪومت روزيدارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ، هر سال اعلان ڪندي آهي. پر، اهي رڳو اعلان ئي هوندا آهن. انهن تي عمل ڪونه ڪيو ويندو آهي. بلڪل اهڙي طرح هي مهينو اڃا آيو ئي ڪونه هو ته، حڪومت ڪجهه اعلان ڪيا انهن اعلانن موجب، عوام کي سهولتون ڏيڻ جا آسرا ڏنا ويا. قوم سڄي خوشفهمي ۾ رهي ته، حڪومت اعلان ڪيو آهي ته رمضان ۾ لوڊشيڊنگ ڪانه ٿيندي. بجلي ۽ گئس جي فراهمي جاري رهندي خاص ڪري افطاري ۽ سحري جي وقتن تي بجلي ۽ گئس بند ڪونه ڪئي ويندي. سڀ ماڻهو ان آسري ۾ رهيا ته واڳ ڌڻين جي قوم سان اها سچائي آهي جو هاڻ ڄاڻايل شين جي سهولت مان فائدو وٺي سگھبو. رڌ پچاءَ جي وقت ڪابه تڪليف ڪونه ايندي. خاص ڪري روزيدارن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ويون آهن. انهن جي تڪليفن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

اهو، اعلان ڪيو ويو هو ته، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويئي آهي. رمضان ۾ اها سڄو مهينو جاري رهندي. ڪابه لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. پر، ان اعلان تي مورڳو ئي عمل ڪونه پيو ٿئي. اڃان ته ڄاڻايل مهيني جا شروعاتي ڏينهن آهن. اها حالت آهي جو، فجر جي نماز پڙهڻ وقت بجلي غائب ٿيو وڃي ٿي. ماڻهو ويچارا قرآن شريف جي تلاوت به ڪونه ٿا ڪري سگھن. ان وقت سڄو ملڪ اونداهه نظر ايندو آهي. نمازي ۽ روزيدار ماڻهو ساڳيا تڪليف ۾ رهن ٿا. مسلمانن جي ملڪ ۾ عبادت ۽ تلاوت جي ووقت بجلي غائب رهي ٿي. ماڻهن جون اميدون اڌوريون رهجي ويون آهن ۽ آسرا خاڪ ۾ ملي ويا آهن. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته شهرن ۾ لوڊشيڊنگ گھٽائي ويئي آهي. البته ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ساڳئي حالت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب آهي. ڪو معمولي فرق ٿيو آهي. يعني معمولي لوڊشيڊنگ گھٽائي اٿن. منجهند جو آرام جو وقت آهي. روزيدارن کي آرام ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. هاڻ موسم بدلجي ويئي آهي. گرمي محسوس ٿئي ٿي. روزيدارن کي آرام ڪرڻ لاءِ منجهند جو پنکا هلائڻ جي ضرورت پوي ٿي. پر، بجلي نه هوندي ته پنکا هلي ڪونه سگھندا. جنهن ڪري انهن جي آرام ۾ خلل پئجي رهيو آهي. کين تڪليف محسوس ٿي رهي آهي. في الحال اها صورتحال ڏسڻ ۾ اچي پئي. ٿي سگھي ٿو ته، حڪومت جي اعلان تي چند ڏينهن ۾ عمل ڪرڻ شروع ٿي وڃي. پر، ماضي جا تجربا ٻڌائين ٿا ته، واپڊا وارا حڪومت کان طاقتور ۽ سگھارا آهن. ڪونه ڪو بهانو بنائي بجلي بند ڪريو ڇڏين. ڀڄا ڪرڻ تي لائين ۾ خرابي يا فني خرابي جو سبب ٻڌايو جان ڇڏايو وڃن.

اهڙي طرح گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي. رڌ پچاءَ جي وقت گئس ڪونه هوندي آهي يا ته پريشر گھٽايو وڃي ٿو. جنهن ڪري کاڌو پچائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي . 02 رمضان المبارڪ جي ڏينهن خبرن ۾ ٻڌم ته، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سحري وقت گئس جو پريشر گھٽجي ويو. روزيدار ماڻهو پريشان ٿي ويا. کين روزو رکڻ لاءِ کاڌو تيار ڪرڻو هو. خاص ڪري راولپنڊي، حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن ۾ ائين ٿيو. چلهين ۾ باهه نه ٻرڻ ڪري ماڻهن کي پريشاني پيدا ٿي. مذڪوره شهرن جي ماڻهن کي سحري جي وقت ڪافي تڪليف پيش آئي ۽ ان تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي وين. اڪثر ڪري ٻهراڙين ۾ گئس نه هئڻ جي برابر اچي ٿي. هن وقت جلائو ڪاٺ به مهانگو ٿي ويو آهي. اهو غريب غربي جي خريد ڪرڻ جي وس جي ڳالهه ڪونه رهي آهي. اڳ ۾ ته ٻيلا هوندا هئا انهن مان ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون سستي اگھه ۾ ملنديون هيون. هاڻ، ٻيلا ڪونه رهيا آهن ته ڪاٺيون به ڪونه ٿيون ملن. هن وقت چلهيون ٻارڻ به هڪ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. گئس جا سئلينڊر به مهانگا آهن. جيڪي عام ماڻهو خريد ڪونه ٿو ڪري سگھي. مطلب ته گئس نه هئڻ ڪري باهه ٻارڻ به هڪ مشڪل ۽ ڏکيو ڪم ٿيندو پيو وڃي. حالانڪه گئس جي فراهمي ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ گھرجي. ان لاءِ حڪومت کي خاص قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صرف اعلان ڪرڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿو ٿئي.

وفاقي حڪومت ڪيترن ڏينهن کان وٺي مسلسل اهي بيان ڏيئي رهي آهي ته، ملڪ ۾ مهانگائي بلڪل ڪونه آهي. مهانگائي جو نالو و نشان ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. واڳ ڌڻين جا اهڙا بيان حقيقتن جي ابتڙ آهن. ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. جڏهن ته مهانگائي وڌندي رهي ٿي. جنهن تي حڪومت ضابطو آڻڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ويئي آهي. خير- اها حالت هن ڀلاري مهيني جي اچڻ کان اڳ ۾ هئي. اڃا اهو مهينو آيو ڪونه هو ته، واڳ ڌڻين اعلان ڪيو ته رمضان ۾ مهانگائي نه ٿيندي. هر شيءِ سستائي سان ملندي. آئون سمجهان ٿو ته، اهو محض اعلان هو. ان کان اڳتي ڪجهه به ڪين آهي. هاڻ ته مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي. هر، شيءِ جو اگھ تيزي سان مٿي چڙهندو پيو وڃي. اڃا مهيني جي شروعات آهي. اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. حڪومت جي اعلان تي ذرو به عمل ڪونه ڪيو پيو وڃي. پوءِ اهڙي اعلان ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو. حڪومت جو ڪو وزير يا مشير ته بازار ۾ اچي خريداري ڪري ته کيس اگھن جي خبر پئجي ويندي. باقي بنگلن ۾ ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ قوم سان مذاق آهي. هن وقت واپارين کي مڪمل طرح ڇوٽ مليل آهي. انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي. جنهن ڪري سندن من وڌندو پيو وڃي. هو، هٿرادو اگھه مقرر ڪري ٻنهي هٿن سان عوام کي ڦري ۽ لٽي رهيا آهن. واپاري طبقي جي الله ٻڌي آهي. سندن گيهه ۾ ٽڪر پئجي ويو آهي. اهي، امير ترين ٿيڻ گھرن ٿا. هن ڀلاري مهيني ۾ ايمانداري ڏيکارڻ جي بجاءِ بي ايماني ڪري رهيا آهن. اهو، قوم سان ڌوڪو، فريب ۽ غداري آهي. شايد واڳ ڌڻي به سندن آڏو بيوس، لاچار ۽ مجبور آهن. تنهن ڪري انهن جي اڳيان پڇن ڪونه ٿا ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪونه پيو ٿئي. خاص ڪري هلندڙ مهيني ۾ وڌندڙ مهانگائي ضابطي کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي ۽ هن وقت جيڪا صورتحال ڏسڻ ۾ پئي اچي ته، سڄي مهيني ۾ تيزي سان اها وڌندي ويندي. حڪمران تماشو ڏسندا رهندا ۽ ڪوڙا بيان جاري ڪري عوام کي بيوقوف بنائيندا رهندا ۽ گمراهه ڪندا رهندا. مهانگائي تي ضابطو آڻي ڪونه سگھندا. باقي ڪوڙين دعوائن ڪرڻ سان عوام کي ڪا ٽيڪ ڪانه ٿي اچي ۽ نه وري ڪو رليف يا فائدو ئي ملي سگھي ٿو. سکڻا ۽ ٺلها واعدا ۽ اعلان ڪنهن به ڪم جا ڪونه آهن.

اضافي طور اهو به ذڪر ڪندو هلان ته، اڪثر ڪري افطاري ۽ سحري جي وقتن تي موبائيل نيٽورڪ به ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏيئي ٿو. سگنل به گم ٿيو وڃن ٿا. جنهن ڪري رابطو ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي ٿو. ڪنهن کي افطاري يا سحري لاءِ تياري وٺرائڻ به مشڪل ٿي پيو آهي. روزي رکڻ جي وقت ڏٺم ته منهنجي موبائيل ۾ سنگنل ئي ڪونه هئا نيٽ بلڪل آهستي هلي رهي هئي. جنهن ڪري رابطو ڪرڻ ۾ رنڊڪون ۽ رڪاوٽون پئجي رهيون هيون. خير مون ڏٺو ته ان ڏينهن تي صبح جو نوين بجه تائين اهو حشر رهيو. ماڻهو هڪ ٻئي کان ڪٽيل رهيا. حالانڪه ان شيءَ جي افطاري ۽ سحري جي وقت سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هونئن به اها شڪايت عام آهي. جيڪا گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪئي پئي وڃي. اهڙيون شڪايتي خبرون اخبارن ۾ به روزانه ڇپجي رهيون آهن. پر، هن مهيني ۾ ته اها شڪايت وڌي ويئي آهي. پر، ياد رکو ته اها شڪايت ته سولائي سان دور ڪري سگھجي ٿي. حڪومت جي وس جي ڳالهه آهي. پوءِ خبر ناهي ته اهو مسئلو حل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. بهرحال رمضان کان اڳ ۾ جيڪو لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جو سلسلو هلندڙ هو سو هن وقت به هلندڙ آهي. ان ۾ ويتر تيزي آئي آهي. ڪو، خاص فرق ڪونه ٿيو آهي. جڏهن ته حڪمران ويچارا حقيقتن جي ابتڙ ٻڌائي رهيا آهن. جنهن ڪري مون کي هن ڪالم لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. واڳ ڌڻين کي منهنجي مودبانه گذارش آهي ته، رمضان المبارڪ مهيني ۾ روزيدارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کڻو ۽ جيڪي اعلان ڪيا ويا آهن. تن تي عمل ڪرايو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.