ڏھاڪن کان وڙھندڙ ڪردن جو ترڪي سان جنگ بندي جو اعلان

”اسان اڄ کان جنگ بند ڪريون ٿا. جيئن امن ۽ جمهوريت لاءِ اسان جي اڳواڻ جي حڪم تي عمل درآمد جو رستو کلي سگھي.اسان تي ڪنھن حملي ٿيڻ تائين اسان ڪابھ ھٿياربند ڪارروائي نھ ڪنداسين“اھا ڳالهه ڪردن ”ڪردستان ورڪرز پارٽي“ (PKK) ھڪ بيان ۾ ڪئي آھي.اھڙو بيان ڪردن جي قيد ٿيل اڳواڻ عبدالله اوڪلان جي حڪم تي ترڪي سان جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ جاري ڪيو ويو.

ڪرد ھڪ قوم آھي، جنھن جي  اڪثريت ڏکڻ اوڀر ترڪي، اتر اوڀر شام، اتر عراق، اتر اولهه ايران ۽ اولهه آرمينيا ۾ رهي ٿي.انهن علائقن ۾ اڍائي کان ٽي ڪروڙ ڪرد رھن ٿا. انهن کي عربن، فارسين ۽ ترڪن کان پوءِ وچ اوڀر ۾ چوٿين وڏي قوم سمجهيو ويندو آهي، پر انهن جو پنهنجو ملڪ ناهي.ڇنڇر ڏينهن  جاري ڪيل هڪ بيان ۾” پي ڪي ڪي“  چيو ته کين اميد آهي ته ترڪي جلد ئي عبدالله اوجلان کي آزاد ڪندو، جيڪو 1999 کان جيل ۾  تنھائي جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.

”پي ڪي ڪي“ جي حامي  خابرو اداري اي اين ايف مطابق ڪرد هٿياربند گروپ  ” جنگ بندي جو اعلان ڪري رهيو آهي.ڪرد اٽڪل چئن ڏهاڪن کان ترڪي لاءِ هڪ وڏو مسئلو رهيا آهن. کاٻي ڌر جي نظرياتي گروپ جو بنياد 1970 جي ڏهاڪي ۾ وڌو ويو ۽ 1984 ۾ حڪومت خلاف هٿياربند جدوجهد جي  شروعات ڪئي. جنهن جو مقصد ترڪي اندر ڪردن لاءِ هڪ آزاد رياست ٺاهڻ هو.گذريل 80 سالن دوران ڪردن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي لاءِ هڪ آزاد رياست حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهي ڪامياب نه ٿيا آهن.ڪرد ترڪي جي آبادي جو 15 کان 20 سيڪڙو آهن. 1920 ۽ 1930 جي ڏهاڪي دوران بغاوتن سبب ترڪي ۾ ڪرد نالا رکڻ، انھن جي لباس پائڻ ۽ انهن جي ٻوليءَ ڳالهائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي. تڏھن ڪردن کي ‘جابلو ترڪ’ سڏيو ويندو هو.

پي ڪي ڪي 1978 ۾ عبدالله اوجلان،جيڪو کاٻي ڌر جا نظريا رکندڙ آھي، قائم ڪئي هئي. 1984 ۾ اھا تنظيم باضابطه هٿياربند ويڙھ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ام ڏينھن کان تاحال ام تڪرار ۾ ترڪي، شام ۽ عراق جي ڪجهه حصن ۾ 40 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. 1990 جي ڏهاڪي ۾ PKK ڪردن لاءِ ھڪ  الڳ رياست جي مطالبي تان ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو.

2016 ۾ ”پي ڪي ڪي“ جي ويڙھاڪ ونگ جي سربراهه جميل بائيڪ، بي بي سي کي ٻڌايو ھو  ته "اسان ترڪي کان الڳ ٿي ڪري ڪا  رياست ٺاھڻ نٿا چاهيون. اسين ان جي سرحد اندر  پنهنجي زمين تي آزاديءَ سان رهڻ چاهيون ٿا.“ٻئي طرف ترڪي جو چوڻ آهي ته”پي ڪي ڪي“ ترڪي اندر هڪ الڳ رياست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي“’

ڪردن جي ان ويڙھاڪ تنظيم” پي ڪي ڪي“ تي ترڪي، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين پابندي مڙهي ڇڏي آهي.ترڪ عبدالله اوجلان تي تنقيد ڪن ٿا ۽ ترڪ حڪومت کيس دشمن سمجهي ٿي، پر ڪرد قوم پرستن جي اڪثريت کيس عزت جي نظر سان ڏسي ٿي.عبدالله اوجلان کي ڏهاڪن کان ڪرد سياست ۾ هڪ بااثر۽ ترڪي ۾ هڪ تڪراري شخصيت سمجهيو ويندو آهي.عبدالله اوجلان جا چاھيندڙ  کيس ‘اپو’ سڏين ٿا، جنهن جو مطلب ڪردش ۾ ‘چاچو’ آهي. هو 1949ع ۾ ڏکڻ اوڀر ترڪي جي شانلي اورفا علائقي ۾ پيدا ٿيو.عبدالله اوجلان 1970 جي ڏهاڪي ۾ انقره يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي تعليم حاصل ڪئي.جڏھن تھ انقلابي ويڙهاڪن جي حمايت ۾ پمفليٽ ورهائڻ جي ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جنهن کان پوءِ هن يونيورسٽي ڇڏي ڏني ۽ کاٻي ڌر جي نظريي واري تنظيم ۾ شامل ٿي ويو.

1973ع ۾  هو انقره ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شامل هو. جنهن ۾ PKK  ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان پوءِ انهن هڪ الڳ ڪرد رياست جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو .1984ع ۾ عبدالله اوجلان PKK کي هٿياربند ويڙھ ۾ قيادت ڪئي ۽ شام ۾ جلاوطني اختيار ڪئي.پر کيس شام ڇڏي ڪينيا وڃڻو پيو، جتي هن کي 1999 ۾ گرفتار ڪيو ويو.گرفتاري بعد عبدالله اوجلان کي ترڪي آندو ويو. جتي هن کي دهشتگردي جي الزامن ۽ بعد ۾ غداري جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي.ڪرد اڳواڻ  کي اھڙي سزا ڏيڻ واري ڏينھن تي ڪردن  ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ احتجاج ڪيو ھو.

بھرحال  2002 ۾ ترڪي، ڪرد اڳواڻ عبداللھ اوجلان  جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.1999 کان وٺي هوءَ عمرالي ٻيٽ تي واقع جيل ۾ عمر قيد جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.ڪردن جي جنگ بندي سان  هلندڙ ويڙهه دوران بي گھر ٿيل عراقي ڪرد ڳوٺاڻن ۾ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس موٽڻ جي اميد پئدا ٿي آھي.جيڪڏهن هي جنگ بندي اثرائتي رهي ته اها نه رڳو ترڪي ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيندي، پر اها ترڪي ۽ ان جي پاڙيسري عراق جي وچ ۾ استحڪام پڻ آڻي سگهي ٿي. گذريل ڪجھ  سالن ۾ ترڪ فورسز اتر عراق ۾ ڪرد ويڙهاڪن خلاف ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن. انقره حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪرد ويڙهاڪن اتر عراق جي نيم خودمختيار ڪرد علائقي ۾ محفوظ پناهه گاهون قائم ڪيون آهن.ويڙھ ۽ ڪارروائين ۾عراقي ڪرد هارين ۽ انهن جي زمينن کي پڻ  نقصان پهچندو رھيو آھي. ترڪي جي هوائي حملن ۽ پي ڪي ڪي جي جڳهن کي نشانو بڻائيندڙ زميني حملي هزارين عراقي ڪرد شهرين کي بي گهر ڪيو آھي.ترڪي جي بمباري ڪردن جا زمين تي فصل ۽ وڻ بھ سڙي ويا. ماضي ۾ بھ  جنگ بندي جون ڪوششون ٿيون پر اھي ناڪام ٿي ويون. 1993 ۽ 2015 ۾ به امن ڪوششون ٿيون هيون، جيڪي بعد ۾ ناڪام ٿي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.