ممڪن آھي تھ ڪجهه ماڻھن لاءِ ملڪي سياست وڌيڪ اھم ھجي، جئين ھاڻوڪي حڪومت وٽ بھ عام ماڻھو بدران سياسي ميدان مارڻ ئي اھم آھي، پر حقيقت ھي آھي تھ عام ماڻھو ھن ڀلاري مھيني ايندي ئي مھگانائي جون دانھون ڪرڻ شروع ڪندو آھي،جنھن جي حڪومت ھڪ بھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ ھوندي آھي.اھو ايرو بھ ڏکيو نھ ھجي جيڪڏھن وقت جي حڪومت وٽ عام ماڻھو جا مسئلا ڪڏھن ايجنڊا جو حصو رھيا ھجن.رمضان جي اچڻ سان ئي عوام جي بجيٽ تي وڌيڪ بار پئي ٿو، پر حڪومت وٽ ڪا بھ اھڙي حڪمت عملي نھ رھي آھي، جنھن سان ھر سال اھڙي طرح جي غيرقانوني ۽ غيرمھذب عمل کي روڪي سگھجي.
ھن ڀيري بھ سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ رمضان جي آمد سان ئي ڀاڄين، ميون سميت کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ڀلاري مهيني ۾ نيڪيون ڪمايون وڃن ٿيون پر پاڪستان ۾ اھو ناجائز ڪمائي جو مهينو بڻايو ويو آهي. هڪ سروي موجب بصر 80 رپين کان 100، پٽاٽا 70 کان 80 ، ٽماٽا 40، ٿوم 800 رپيا، ادرڪ 600 کان 800، ليمو 800، ساوا مرچ، ساوا بصر، شملا مرچ 200 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. واڱڻ، بند گوبي، پالڪ، موري، گجر 80 رپيا، گل گوبي، گوگڙو 100 رپيا، ڪدو ۽ چقندر 120، توريون 160، ڪريلا، ڀينڊي 240 رپيا، ڌاڻا ۽ ڦودونو 20 کان 30 رپين ۾ وڪرو ٿي رھيا آھن. ميون ۾ ڪيلا 200 کان 300 رپيا، گدرو 120 کان 150 رپيا، نارنگيون 400 کان 700 رپيا درجن، هنداڻو 200 رپيا، اسٽرابيري 600 کان 800 رپيا، زيتون 300، پپيتو 300 رپيا، کجي 400 کان 800 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رھيا آھن.
ساڳي ريت هڏي وارو گوشت 1300 کان 1500، بنا هڏي وارو 1600 کان 1800، ٻاڪرو گوشت 2200 رپيا، ڪڪڙ جو گوشت 700 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رھيا آھن.سائي مصالحي جا اگھه بھ وڌايا ويا آھن، شهرين جو چوڻ آهي ته پهرئين روزي کان اڳ ئي مهانگائي وڌي وڃي ٿي، انتظاميا جا ڪجهه سرڪاري آفيسر ڪجهه مارڪيٽن ۾ اچن ٿا ۽ ڪجهه دڪاندارن تي ڏنڊ هڻي عوام کي ڏيکارين ٿا ته ڪم ٿي رهيو پر ظاهري طور اها ڳٺ جوڙ هوندي آهي. خيال رهي ته ڪمشنر جي جاري ڪيل اگهوتري رڳو ڪاغذ جو ٽڪرو ثابت ٿي آهي. ڪمشنر ڪراچي جي جاري ڪيل اگهوتري ۾ بصرن جو اگهه 63 رپيا في ڪلو، ٿوم 610، ڪيلا 145، صوف 219، زيتون 138، موسمي 161، اسٽرابيري 161، سرڪاري اگهه ۾ پٽاٽا 63 رپيا، مرچ 58، ڌاڻا 5، ڦودنو 6 رپيا ڏيکاريل آهي پر انھن مان ڪا ھڪڙي بھ شيءِ ڄاڻايل اگھه تي وڪرو نھ ٿي رھي آھي.
دنيا ۾ خاص موقعن تي عام واھپي جون شيون سستيون ٿينديون آھن اسان وٽ وري ان جي ابتڙ معاملو ھلندو آھي،رمضان جتي واپارين جي لاءِ ڪمائي وارو مھينو ھوندو آھي اتي ھر ننڊي توڻي وڏي شھر ۾ مافيائون عوام جي ابتي کل لاھڻ جي لاءِ رمضان شريف جي ڀلاري مھيني جو انتظار ڪنديون رھنديون آھن، اڳي ئي غربت جي مقرر حد پار ڪري ويندڙ عوام جو حال خراب کان خراب تر ٿي ويو آھي، پرحڪومت سکڻا اعلان ڪرڻ ۾ پوري آھي.جنھن ۾ ڪنھن بھ سطح تي عوام جي ڀلائي جو ڪو ڪم نظر نٿو اچي. جنھن مان اھو ثابت ٿئي ٿو تھ حڪومت وٽ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪابه ايجنڊا نھ آھي.
رمضان شريف شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مختلف علائقن مان آيل خبرن موجب لازمي اسم جي ھر شيءَ، ڀاڄين،گوشت،فروٽ ۽ ٻي عام واھپي جي شيءَ جي قيمت ۾ غيرمعمولي اضافو ٿي ويو آھي.جنھن سان مھانگائي جو اھڙو طوفان آيو آھي جو عام ماڻھون پنھنجي رواجي زندگيءَ گھارڻ کان لاچار ٿي ويو آھي.
سنڌ ۾ حڪومت رمضان ۾ اگھن ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ قدم کڻڻ جي ڳالھھ ڪئي آھي،پر پھرين ڌڪ ۾ واپارين سرڪار اگھن واري لسٽ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي.سموري سنڌ جي لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آھي، واپاري مرضي جا اگھھ وصول ڪري رھيا آھن.رمضان المبارڪ کان اڳ منافع خورن عوام کي مهانگائي جو وڏو جھٽڪو ڏئي ڇڏيوآھي.حڪومتي مشينري ۽ ڪامورا يقينن اگھھ پار ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بازارن جو رخ ڪندا آھن ،پر انھن جي دوري ڪري وڃڻ بعد وري واپارين جي ساڳي من مستي جاري رھندي آھي،جنھن ڪري اھڙين ڪوششن جو عملي فائدو ماڻھن کي نھ ملندو آھي.
حڪومت کي سمورن تعلقن ۾ مستقل بنيادن تي عوام کي واپارين جي مستي ۽ مافيائن جي ظلم کان بچائڻ جي ضرورت آھي، جنھن جي لاءِ سرڪاري رٽ قائم ڪرڻ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي ۽ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائڻ پڻ لازمي آھي تھ ھر واپاري پاڻ کي قانون جو پابندي محسوس ڪندي عوام کي اجائي نفعي جي لاءِ تنگ نھ ڪري.ضلعي توڙي تعلقي عملدار ان ڏس ۾ جوڳا قدم کڻي واپارين سان گڏجاڻيون ڪري کين آمادھ ڪري سگھن ٿا، ٻي صورت ۾ بنا ڪنھن رعايت جي ھر ناجائزي ڪندڙ واپاري خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.تڏھن وڃي ان جو ڪجهھ نتيجو نڪرندو.
وس وارن کي سمجھڻ گھرجي تھ عام ماڻھو ھن وقت غيرمعمولي مھانگائي کي منھن ڏئي رھيو آھي، ايتري تائين جو وچولي ۽ غريب طبقي جو ماڻھو تھ لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھي، ماڻھن ۾ ڪا بھ مالي سھپ نھ رھي آھي.جنھن جو نتيجو ھر طرح سان سماج جي لاءِ خراب ئي نڪرندو.ڇاڪاڻ جو غربت ڏوھن جي ماءُ ھوندي آھي جيڪا ڏوھن ۽ ڏوھارين کي ڄڻڻ شروع ڪندي، ان سان سماجي توازن ۾ بگاڙ ايندو.حقيقت ھي آھي تھ عام واھپي جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرو ل ڪرڻ جي لاءِ ڪو اھڙو مستقل ۽ نييجا ڏيندڙ سسٽم ھئڻ ضروري آھي.جنھن سان واپارين ۽ مافائين جي ھٿ سان پئدا ڪيل مھانگائي کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي . اميد ته وس وارا ھن ڀلاري مھيني ۾ ھٿ سان پئدا ڪيل مھانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪي قدم کڻي رھيا آھن، ان مان فائدو سماج جي ھر فرد کي پھچي سگھندو ۽ ماڻھو مھانگائي جي فڪر کان آجا ٿي ڪري پنھجي عبادت ڏانھن مڪمل ڌيان ڏئي سگھندا.