گهوٽڪي(ڊ ر) سنڌ سڀا جي مرڪز سڏ تي سنڌو درياءُ مٿان 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ سڀا جي مرڪزي اڳواڻ انعام سنڌي،فيض کوسو،شمن سنڌي،فقير رمضان ڪلوڙ،محبوب گهوٽو،واهاب سهتو، نصرالله ڪلادي،مير حسن لاشاري،ايڊووڪيٽ عبدالمجيد ميربحر، ايڊووڪيٽ وحيد سنڌي،ايڊووڪيٽ لعل بخش گهوٽو،علي منصور، ڪمال مهر،رشيد سنڌي، جمال شاھ، نعمان سنڌي، عبدالمجيب ميربحر، اڪرم ميتلو، رئوف پارس دايو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرحد جي ريلوي اسٽيشن کان گهوٽڪي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو،سنڌو درياءُ مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف نڪتل پيادل مارچ جي مختلف هنڌن تي ڀرپور آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي،جڏهن ته پيادل مارچ قافلي جي گهوٽڪي پريس ڪلب تي پهچڻ مختلف سياسي سماجي۽ ادبي سنگت جي اڳواڻن پاران شرڪت ڪئي وئي،ان موقعي تي انعام سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو درياءُ سنڌ جي عوام جو جياپو آهي ڪنهن به صورت ۾ نوان ڪئنال قبول نه ڪنداسين.وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿي پهريان ئي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ويتر نون ڪئنالن سان سنڌ جو عوام پاڻي جي ڦڙي لاءِ به سڪي ويندو،هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت به هنن سان ملوث آهي جنهن ڪري ڪئنالن جي معامري تي هو خاموش بڻيل آهي،پر ڪنهن به ريت نوان ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين