ماضيءَ ۾ عمران خان پاڻ هام هڻندو هيو ته اسان وٽ سڄي ٽيم مڪمل آهي پر جڏهن کيس حڪومت ملي ته سندس پرڪار پڌرا ٿي پيا ۽ هي پاڻ ٻين جي لوڌيل وزيرن جي ٽيم وٺي ڪم هلائي ويو، ان ۾ جنرل مشرف جي دور جا وزير به شامل ڪري ويو، پ پ جا وزير به هٿ ڪري ويو يا نون ليگ کان به مدد ورتائين، جيڪي پاڻ ڪرپٽ هيا، جيڪي پاڻ نااهل هيا اهي هن وٽ زبردست ڪم ڪري ويا، ۽ ان ڪري هن جا پنهنجا وزير به ڪنهن ڪم جا نه ٿيا، جيڪي پاڻ اينگرو يوريا ۾ کير جا دٻا وڪڻندا هيا پر حڪومت جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آين، ان ڪري پنجاب جي وڏ وزارت ڀيري به هن وٽ ڪو مضبوط اميدوار نه هيو جنهن جي اسٽبلشمينٽ وٽ پوک پوکيل هجي ها يا جنهن جي اسٽبلشمينٽ وارا ٻڌن به ها، ڇاڪاڻ ته چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي پاڻ 1997 کان وٺي نون ليگ جي سياسي اسڪول جا شاگرد رهندا آيا آهن. ان وقت تي به پرويز الاهيءَ کي ان ڳالهه جو آسرو هو ته هن کي پنجاب جي وڏ وزارت ملندي پر ان وقت تي به نون ليگ معني نوازشريف پنهنجي ڀاءُ شهبازشريف کي وڏ وزارت ڏئي پاڻ وزيراعظم بڻجي ويهي رهيو.
پرامن احتجاج عمران خان پنهنجي دور ۾ ڪنهن کي ڪرڻ نه ڏنو هيو، پي ڊي ايم وارن کي عسڪري ادارن جي طرفان چانھه پارٽين جي آڇ ڪرائيندو هيو پر ڪنهن جي مجال نه هئي ته ڪير اسلام آباد ۾ پير پائي، 28 فيبروري 2022 تي پي پي وارا لانگ مارچ جو سوچو اسلام آباد ويا ته هئا پر هڪ فون ڪال جي اچڻ شرط واپس موٽي آيا. ٽي ايل پي وارن ته عقوبتون ڏٺيون جو عمران خان انهن سان ڪيترا ئي واعدا ڪري وري ڦري ويو هيو، ان ڪري جو ٽي ايل پي جو اسلام ٻيو آ ۽ عمران خان جو ٻيو. وري جڏهن واعدي وفا جو وقت آيو ته پٺي ڏئي ويهي رهيو، ڪاڏي ويا فرانس سان بائيڪاٽ، ڪاڏي ويا ڊينمارڪ سان قطعي تعلق، ڪاڏي ويا انهن جي ايمبيسي جي لڏائڻ وارا واعدا. وري پاڻ ماڻهن کي چوندو ٿو وتي ته هن جو احتجاج جهاد جي برابر آ، هي جيڪو به ڪري ٿو اهو مديني جي رياست آڻڻ جا سنباها آهن، هي جيڪو به ڪري ٿو ان ۾ هي ملڪ اسلامي اسٽيٽ بڻجي ويندو، هي جيڪو به ڪري ٿو ان ۾ ملڪ ۾ اميرالمومنين اچي ويندا. پر ڳالهيون اهي ئي وري آمريڪي ۽ يهودي ازم واريون ٿو ڪري، معني هڪ ڏينهن پاڻ آمريڪا کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي ته ٻئي ڏينهن وري پاڻ پنهنجي بيان تان ڦري ٿو وڃي، هڪ ڏينهن پاڻ اينٽي آمريڪا سلوگن ٿو هڻائي وري ٻئي ڏينهن ٿو چئي اسان آمريڪا يا ڪنهن به ملڪ جي خلاف ناهيون. پر ڳالهه اها به آهي ته پنهنجن ساڍن ٽن سالن ۾ هن هڪ ڪم به جيڪڏهن اسلامي اسٽيٽ وارو ڪيو هجي ها ته هاڻي اسان به مڃون ها ته هي سڀ ڪجهه ڪري ويندو، هي جيڪو چئي ٿو اهو سچ آ. ماڻهو کڻي هن جي پٺيان نڪري به پون پر هي ته تعصب واري سياست مان نڪري ئي نه ٿو، هي بلوچن ۽ سنڌين کي مڃي ئي نه ٿو، هن کي رڳو پنجاب ۽ ڪي پي کپي. هن جي ذهن ۾ رڳو ڪي پي ۽ پنجاب آ، هن جيڪي به ڪم ڪيا اهي رڳو ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪيا، مثال لائيف انشورنس کان وٺي صحت ڪارڊ کان وٺي، بي آرٽي بس پروجيڪٽ کان وٺي بلدياتي پروجيڪٽن کان وٺي بجيٽن جا منهن کولڻ تائين سڀ جا سڀ هن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪيا. هن کي سنڌ ۽ بلوچستان کپي ئي نه، رڳو اسان جي وسيلن تي نظر هئي، ته ٻيٽ ڏيو ۽ ٻيٽن جي لاءِ آرڊيننس به ڪڍرائي مڙئي جڳاڙ ڪري وري بس ٿي ويو.
25 مئي 2022 واري لانگ مارچ کانپوءِ جڏهن اسٽبلشمينٽ هن کي اشارو ڏنو ته ڇهن ڏينهن جو الٽيميٽم ڪجهه به ناهي هاڻي تون چپ ڪري ويھه، ڇو ته هي ڪي پيءَ جي ڪارڪنن کي تيار ڪري نڪتو هو ته ڪيئن به ڪري امپورٽيڊ سرڪار کي گهر موڪلڻو آ“ ۽ جڏهن اهي وڳوڙي اسلام آباد جي ڊي چوڪ جي ويجهو آيا ته ڳوڙها گيس جي هڪ ئي ڳوڙها آڻيندڙ گولي سان وڃي ڪي پي نڪتا. ان ڪري هنن جي اهڙي سياسي جرئت مان اهو ڀلي ڀت ثابت آ ته تخريبڪاري واري سياست هاڻي نه ٿي ڪري سگهجي. اهي ڏينهن اهي شينهن جڏهن هي 17 ڊسمبر 2014 تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ونگاري پارٽيون وٺي اچي ڌرڻا هڻندو هيو ۽ برگر فيمليون وٺي راتين جون راتيون ٿڌ ۾ گذاري اهو سمجهندو هو ته عوام هن جي آڱر جي اشاري تي آ. پر ڳالهه اها به ناهي ته رڳو جلسا ڪري ڪري ماڻهن کي اها ڳالهه بانور ڪرائڻي آ ته ملڪ هن جي مٺِ ۾ آ، ۽ هن کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو وتندو ۽ ملڪ ۾ ٻيو مڙئي خير لڳو پيو آ. پر سياسي تناظر ۾ شيون هاڻي ڪجهه مٽيل آهن، ان انفراديت يا اجتماعي سياسي ميڙن ۾ ڪجهه فرق ضرور آيو آ. هاڻي اها ڳالهه ناهي جيڪا 2018 ۾ هئي يا هاڻي ائين نه ٿو ٿي سگهي يا ممڪن به ناهي. ان ڪري هاڻي جي ووٽ بيئنڪ ۾ ۽ 2018 واري نئين پاڪستان جي انقلاب ۾ ڏينهن رات جو فرق آ، پوءِ ڪي پي جو ووٽ هجي يا پنجاب جو ووٽ هجي. پر ڳالهه اها ٿي ماري ٿي ته جيڪو به سياستدان پنجاب اندر اينٽي اسٽبلشمينٽ نعرو ٿو هڻي جيڪو به پاڻ کي معصوم ۽ بيگناھ ثابت ٿو ڪري پنجاب جو ووٽ ان جي کيسي ۾ ٿو پئي، جيڪو اينٽي اسٽبلشمينٽ جي ڳالهه ٿو ڪري اهو کٽي ٿو وڃي.
عمران خان ڪورٽن کي مڃيندو ئي نه هيو يا جڏهن ڪورٽون هن حق ۾ فيصلو ڏين ته صحيح آهي نه ته فيصلو ئي غلط آ، ڀلا ڪورٽون جڏهن 12 مارچ وارو فيصلو ڏنو ته ان تي به هي برهم ٿي پيو هيو، حلانڪه اها ڳالهه ته عالم آشڪار هئي ته ڪير به آئين جي لتاڙ نه ٿو ڪي سگهي يا ڪير به آئين جي ٽوڙڦوڙ نه ٿو ڪري سگهي پر جڏهن هنن جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسپيڪر ڪئي يا هنن سمجهيو ته آئين ۽ قانون ڪاڳر جو ٽڪرو آهن ٻيو ڪجهه به نه، ان ڪري خان جي نيب ۽ ڪرپشن جي ڪيسز جي ٻڌڻي ٿئي ئي پئي. جهانگيرترين جي ڪيسن جي ٻڌڻي جي لاءِ خان ته ان جي فرمائش تي انويسٽيگيشن آفيسر به بدلي ڪيا ته رڳو جهانگيرترين راضي ٿئي.
جون 2021 واري بجيٽ ڀيريءَ جهانگيرترين پاڻ 46 ميمبر گڏ ڪري پي ٽي آءِ جي اعلي قيادت کي بليڪ ميل ڪري ويو هيو ته ”هن جي مٿان ڪيسن جي ٻڌڻي جهڪي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ جهانگيرترين جي ٽيم 2021 واري بجيٽ جي بل تي صحيون نه ڪندي“ ۽ خان بليڪ ميل ٿي ويو، نيب چيئرمين کان پنهنجون ٻڌڻيون به نه ڪرايائين ۽ جيڪي به نيب جون ڪارروايون ڪرائي ويو، اهي سڀ نوازشريف جي ٽيم جي مٿان هيون. هاڻي وري فارين فنڊنگ ۽ توشاخانا ڪيس جا فيصلا ته محفوظ پيا آهن ۽ انهن جي اعلان جي رڳو دير آ. ڪورٽون به ”ايک تيرا ايک ميرا“ ڪنديون ٿيون وتن.