بنگلاديش ۾ چونڊون ٿينديون يا مارشل لا لڳندو ؟

بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان جي تازي تقرير ملڪي سياست ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. هن  تقرير ذريعي ڪهڙو پيغام ڏنو ؟ آرمي چيف ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري بابت عوام کي خبردار ڪيو. تقرير دوران، جنرل وقار الزمان جي باڊي لينگويج  ۽ زبان سخت  ھئي.جنھن تي ڪيترائي سياستدان حيران  ٿي ويا. ڇهن مهينن دوران مختلف هنڌن تي ھن جي اڳوڻي ۽ ھاڻوڪي  تقرير ۾ چٽو  فرق آهي.ڇا آرمي چيف سياستدانن کي ڪا وارننگ ڏني آهي؟ گذريل سال جولاءِ ۾ احتجاج سبب شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، 5 آگسٽ تي سياسي جماعتن سان ملاقات کان پوءِ  آرمي چيف جنرل وقار پڻ تقرير ڪئي ھئي.اھا تقرير شيخ حسينه جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ گڏوگڏ هڪ عبوري حڪومت جي قيام ۽ موجوده صورتحال بابت هئي. ان ڏينهن آرمي چيف جي باڊي لينگويج  ايتري سخت نه هئي. سياستدانن جو خيال آهي ته آرمي چيف جي سخت ٻولي جو سبب عبوري حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ناڪامي آهي.

اھو بھ خيال آھي تھ عبوري حڪومت ڪيترن ئي محاذن تي ناڪام ٿي چڪي آهي. خاص طور تي امن امان جي صورتحال ڳڻتي واري آھي ۽ ٻيو  سياسي جماعتن  اندر به اختلاف پيدا ٿيا آهن. مجموعي طور تي سمجھيو پيو وڃي تھ صورتحال ضابطي ۾ نھ آھي. بي اين پي جي جنرل سيڪريٽري مرزا فخر الاسلام عالمگير بي بي سي کي ٻڌايو ته ھن جو  خيال آهي ته سياسي پارٽيون  متحد ٿيڻ ۽ ذميواريون پوريون ڪرڻ جي قابل نه آهن. انڪري جنرل، سڀني کي خبردار ڪيو آهي.

آرمي چيف  ڍاڪا جي راوا ڪلب ۾ اھڙي تقرير ڪئي.جنھن ۾ ھن سياسي جماعتن  ۾ اختلاف تي بھ ڳالھايو. تقريب 2009 ۾ بارڊر گارڊ بنگلاديش (بي جي بي) هيڊ ڪوارٽر ۾ قتل عام ۾ مارجي ويل فوجي آفيسرن جي ياد ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.آرمي چيف جنرل وقار الزمان  خبردار ڪيو ته سياسي جماعتن ھڪ ٻئي تي گند اڇلائڻ ۽ وڙهڻ بند نه ڪيو ته ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري خطري ۾ پئجي ويندي. سندس چوڻ ھو تھ ملڪ سڀني جو آهي. اسان خوشي ۽ امن سان رهڻ چاهيون ٿا. اسان ويڙهه يا بدامني نٿا چاهيون.ڪجهه وقت کان  بي اين پي ۽ جماعت اسلامي  ۾ لفظي جنگ تيز ٿي رهي آهي. مختلف شعبن ۾ سڌارن، مقامي چونڊن ۽ پارلياماني چونڊن بابت  ٻنهي جماعتن  ۾ اختلاف ٻين پارٽين کي به متاثر ڪيو آهي.

ٻئي طرف شيخ حسينھ سرڪار خلاف اسٽريٽ موومينٽ جي اڳواڻي ڪندڙ شاگردن نئين جماعت جوڙي آھي، جنھن ۾ شيخ حسينھ جا ناقد شامل آھن.جنھن سان پڻ تڪرار پيدا ٿيو آهي.عبوري حڪومت ۾ ٽن شاگرد نمائندن مان هڪ ناهيد اسلام صلاحڪار جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي هو نئين پارٽي جي قيادت سنڀاليندو.مختلف سياسي جماعتون  آرمي چيف جي تقرير کي نئين جماعت جي پس منطر ۾ ڏسي رھيون آھن بي اين پي جي جنرل سيڪريٽري مرزا فخر الاسلام عالمگير بي بي سي کي ڏنل انٽرويو دوران سوال اٿاريو تھ صلاحڪار  جي عھدي تي ھوندي سياسي جماعت جوڙڻ سان عبوري حڪومت جي غير جانبداري تي بھ سوال اڀري رھيا آھن.مختلف جماعتون، شاگردن جي نئين جماعت  جي قيام جي پٺيان حڪومت جي ھٿ  هجڻ جو الزام لڳائي رھيون آھن.سياسي تنظيمن جي اختلافن ڪيترن ئي بحرانن کي جنم ڏنو آهي ۽ عام ماڻهن جي اعتماد کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي.موجوده سياسي صورتحال ۾ حڪومت بھ  ڪو  ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ناهي.ان حوالي سان،آرمي چيف لاڳاپيل ڌرين کي خبردار ڪيو آهي.

جيتوڻيڪ بي اين پي اندر آرمي چيف جي تقرير بابت بحث جاري آهي. پر پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مرزا فخر الاسلام عالمگير جو چوڻ آھي تھ آرمي چيف جي تقرير بابت ڪا به غلط فهمي ناهي.سندس تقرير شاندار هئي.جماعت اسلامي جي اڳواڻ مطيع الرحمان آڪند موجب آرمي چيف جي تقرير ڳڻتي واري آھي.جيڪا سياست ۾ اتحاد بدران ورهاست  پيدا  ڪندي. هن وقت بي اين پي ۽ جماعت اسلامي  ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي.اهو ئي سبب تھ اھي هڪ ٻئي تي تنقيد ڪنديون رهيون آهن.

آرمي چيف جنرل وقار الزمان به پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سندس ڪو به ذاتي ارادو ناھي.پر ڪيترائي سياستدان چون ٿا ته مختلف گروپن ۾ مونجھارو  ۽ هجوم جو تشدد جاري آهي. ان سان گڏ، ڦرلٽ ۽ ڀتا خوري تي ضابطو نه اچي سگهيو. امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال عبوري حڪومت ۾ اعتماد جي بحران کي وڌيڪ ڳنڀير ڪري ڇڏيو آهي. اهو سوال به بحث هيٺ آهي ته:  حڪومت  جي ناڪامي سبب  ڇا ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي سگھي ٿو؟ جيتوڻيڪ آرمي چيف چيو هو ته سندس ڪا به ذاتي خواهش نه آھي. هن چونڊن جو به ذڪر ڪيو آهي. سياسي پارٽيون پراميد آهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه يا ضروري سڌارن کان پوءِ چونڊن ذريعي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿيندي.سياسي مبصرن  جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي تقرير ملڪ جي موجوده غير مستحڪم صورتحال ۾ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.

آرمي چيف وقار الزمان ملڪ ۾ آزاد چونڊون ڪرائڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ آزاد،انصاف ڀريون ۽ شفاف چونڊن ڏانهن وڌي رهيا آهيون.جنرل وقار چيو ته ھن  ڊاڪٽر يونس سان ڳالهايو جيڪو، مون سان مڪمل طور تي متفق هو ته ملڪ ۾ آزاد، منصفاڻيون ۽ چونڊون ٿيڻ گهرجن. جيڪي ڊسمبر تائين ٿيڻ گهرجي.عبوري حڪومت جي قيام جي شروعات ۾ آرمي چيف 18 مهينن اندر چونڊن جي ڳالهه ڪئي هئي. هن پنهنجي آخري تقرير ۾ به ان جو ذڪر ڪيو هو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.