” ڀارت ثابت ڪري ته هو پاڪستان کان بهتر ٽيم آهي“ اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آف اسپنر ثقلين مشتاق آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت هٿان شرمناڪ شڪست کانپوءِ ڀارتي ٽيم کي وڏو چئلينج ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم کي پنهنجي صلاحيتن تي ايڏو اعتماد آهي ۽ هو سمجهن ٿا ته پاڪستان کان بهتر آهن ته پوءِ 10 ٽيسٽ، 10 ون ڊي ۽ 10 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ثابت ڪن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي ڇڪتاڻ کي پاسي تي رکجي ته ڀارتي ٽيم ۾ واقعي اهڙا ڪرڪيٽر موجود آهن، جيڪي عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن.
ثقلين مشتاق اعتراف ڪيو ته موجوده پاڪستاني ٽيم ۾ ڪجهه مسئلا آهن پر اهي درست ڪري سگهجن ٿا.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن صحيح تياري ڪئي وڃي ته پاڪستان اڄ به ڀارت سميت دنيا جي ٻين بهترين ٽيمن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.