گاڏي تي فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب واقعو ڊنگا خورد ڀرسان پيش آيو، جتي ڪاري رنگ جي گاڏي تي هٿياربندن انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني.
گاڏي ۾ سوار 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ مخالف گروپ جو هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي کانپوءِ حملي آور فرار ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن دشمني جي بنياد تي مخالفن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، مقتولن ۾ زاهد، مبشر، ضمير، جاويد، رخسار ۽ هڪ اڻڄاتل شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.