ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي بيٽر وين ڊر ڊوسن چيو آهي ته ڀارت کي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ هڪ فائدو حاصل آهي، جيڪو سمجهڻ ڪا راڪيٽ سائنس نه آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت لاءِ اهو فائدو آهي جو ان کي سفر ناهي ڪرڻو ، هڪ ئي ميدان تي کيڏڻو آهي.
هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ڀارتي ٽيم ساڳي هوٽل ۾ رهي ٿي، پريڪٽس جون سهولتون به هڪ ئي جاءِ تي آهن، ساڳيو اسٽيڊيم ۽ ساڳيون پيچون هجڻ سبب ڀارت کي واضح ايڊوانٽيج ملي ٿو.
وين ڊر ڊوسن وڌيڪ جو چوڻ هو ته هي سڀ ڪجهه ڀارت لاءِ فائدي وارو آهي ۽ ان کي سمجهڻ ڏکيو نه آهي، هاڻي اهو انهن تي آهي ته هو ان مان ڪيئن فائدو وٺن ٿا.
” چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ ڀارت کي فائدو آهي“ ڏکڻ آفريڪي بيٽر سوال اُٿاري ڇڏيا
You might also like