پاڪستان ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ شعبان مهيني جا 30 ڏينهن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 1446 هجري جي رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو، جنهن تحت ملڪ ۾ پهريون روزو سڀاڻي رکيو ويندو.
رمضان جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ سڄي ملڪ سومهڻي جي نماز بعد مسجدن ۾ تراويحون پڙهيون وينديون، ان کانپوءِ ٻانها پهرين سحري جي تياري پڻ ڪندا.
پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ روزيدار رمضان جي برڪتن ۽ سعادتن حاصل ڪرڻ لاءِ خاص انتظام ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، آمريڪا، جرمني ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ رمضان جو چنڊ گذريل ڏينهن نظر آيو هو، جنهن بعد اُتي اڄ پهريون روزو رکيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.