بهاولپور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوجي جوانن جو بلند حوصلو ۽ جنگي تياريون ساراهه جوڳيون آهن، جڏهن ته جديد منصوبا تعليم، آءِ ٽي ۽ جنگي صلاحيتن جي واڌاري لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير بهاولپور ڇانوڻي جو دورو ڪيو ۽ اُتي جاري آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو.
جنرل عاصم منير کي بهاولپور ڪور جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي، جتي هن فوجي جوانن جي لڳاءُ، بلند حوصلن ۽ جنگي تيارين کي ساراهيو.
هن چيو ته سخت ۽ اثرائتي تربيت ئي سپاهي جي پيشوراڻين صلاحيتن جي واڌاري جو بنياد آهي ۽ جديد جنگي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي هي خاصيت اهم حيثيت رکي ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف سي ايم ايڇ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (سي آءِ ايم ايس)، انووسٽا چولستان، ۽ انٽيگريٽيڊ ڪمبيٽ سميوليٽر ايرينا جو افتتاح پڻ ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته هي جديد منصوبا طبي تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جنگي تيارين کي بهتر بنائڻ لاءِ آندا ويا آهن.
جنرل عاصم منير بهاولپور جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن سان به ملاقات ڪئي ۽ نوجوانن جي تعليم ۽ ترقي لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي اجاگر ڪيو.
هن شاگردن کي هدايت ڪئي ته محنت ۽ لڳاءُ سان اڳتي وڌن، پنهنجي مهارتن کي بهتر بڻائي قومي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن.
ان کان اڳ بهاولپور پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر بهاولپور آرمي چيف جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.