لاڙڪاڻو + ڏوڪري (نمائندا) ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل سينيئر صحافي تشڪيل سنديلو جو مڙهه اباڻي ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ جنازي نماز کانپوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سندس وارثن حادثي جي اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
تشڪيل سنديلو جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، جڏهن ته سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
درگاھه ڊڀرو شريف جي گادي نشين پير فضل الله، صحافين عبدالوحيد ابڙو، زبير زرار منگي، قاضي آفتاب احمد، عبدالھادي ڀنگر، عبدالمجيد اوڍاڻو ۽ ٻين تڏي تي پهچي مرحوم صحافي تشڪيل جي ڀائرن فرمان علي، صدام حسين سنديلو، وڏيري واجد علي، امجد حسين، نزاڪت علي، راجا سنديلو، حيدري سنديلو، ثاقب علي، اطهر سنديلو ۽ ٻين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي مرحوم صحافي جي ڀاءُ فرمان علي سنديلو چيو ته تشڪيل معاشي مشڪلاتن سبب اخبار ۾ ملازمت ڪرڻ سان گڏ ڪرائي جي موٽر سائيڪل پڻ هلائيندو هو، ان جا ننڍڙا ٻار آهن، سنڌ حڪومت کي مالي مدد جي اپيل سان گڏ اها به درخواست ٿا ڪيون ته حادثي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
قلم ڌڻين پڻ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته تشڪيل سنديلو کي ٽڪر ھڻندڙ گاڏي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
صحافي تشڪيل سنديلو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، تعزيت جو سلسلو جاري، حادثي جي اڻ ڌري جاچ جو مطالبو
You might also like