” ايتري ڪمائي ناهي جيترو خرچ ڪيان ٿي“ يشما گل جو دلچسپ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا يشما گل اداڪارا هانيه عامر کي پنهنجي ڀيڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران يشما گل سان مختلف موضوعن تي سوال ڪيا ويا.
انٽرويو دوران ميزبان پڇيو ته سوشل ميڊيا تي توهان جي هانيه عامر لاءِ سرپرائز برٿ ڊي پارٽي جي وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن تي توهان لکين رپيا خرچ ڪيا، ان جو سبب ڇا هو؟
يشما گل کلندي جواب ڏنو ته” ڇو ته اها سرپرائز پارٽي هئي، ان ڪري خرچ به گهڻو ٿيو، پر جيڪڏهن توهان بجيٽ ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته مان توهان کي نٿي ٻڌائي سگهان.“
هن وڌيڪ چيو ته” هانيه عامر منهنجي بهترين دوست آهي ۽ هوءَ منهنجي ڀينرن جيان آهي.“
ان کانپوءِ ميزبان کائنس پڇيو ته هوءَ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ تي خرچ ڪندي آهي؟
جنهن تي اداڪارا مثال ڏيندي چيو”مان هن وقت گهر خريدڻ بابت سوچي رهي آهيان، مون هڪ دوست سان ان جو ذڪر ڪيو ته هن مون کي تمام مهانگا گهر ڏيکارڻ شروع ڪيا.“
يشما گل موجب” مون ان دوست کي چيو ته مان خرچ وڌيڪ ڪيان ٿي ڪمايان گهٽ ٿي.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته”منهنجو ڪارڊ منهنجي نوڪرياڻي ۽ اسسٽنٽ وٽ هوندو آهي، جيڪي پنهنجي مرضي سان خرچ ڪندا آهن ۽ مان ان جو حساب ڪتاب ناهيان رکندي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.