ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري اعلان ڪيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته روزانو ڪڻن ذريعي هڪ پلاٽ پڻ ڏنو ويندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته گورنر هائوس ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني جي موقعي تي خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
هن ٻڌايو ته گورنر هائوس ۾ ختم القرآن جي تقريب ٿيندي ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ روزانو ڪڻن ذريعي هڪ پلاٽ پڻ ڏنو ويندو.
گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته ”اتحاد رمضان“ تحت ماڻهو پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا ۽ اسان گورنر هائوس ڪراچي مان رمضان ٽرانسميشن جي شروعات ڪري رهيا آهيون.
مصطفيٰ عامر قتل ڪيس بابت ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته سيڪيورٽي ادارا ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهه مان 32 قسمن جي منشيات ملڪ ۾ درآمد ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ تعليمي ادارن کي خط لکي رهيو آهيان ته شاگردن ۽ استادن جي رينڊم نشي جو ٽيسٽ ڪرايو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ گورنر هائوس ۾ هڪ خاص سيل قائم ڪيو پيو وڃي.
گورنر سنڌ جو رمضان دوران ڏهه لک ماڻهن لاءِ افطار ڊنر ۽ روز هڪ پلاٽ ڏيڻ جو اعلان
You might also like