سون اگهه ۾ مسلسل لاٿ، تولو گهڻي جو ٿي ويو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سون جي اگهه ۾ مسلسل پنجين ڏينهن لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٽي لک رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 438 رپيا لاٿ بعد 2 لک 57 هزار 201 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 6 ڊالر سستو ٿيڻ سان 2 هزار 857 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.